پيپلزپارٽي کي ٻيهر حڪومت ۾ اچڻ جي دعوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري ملاقات لاءِ وزيراعظم هائوس پهتو ته شهباز شريف سندس آجيان ڪئي.

ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر بلاول ڀٽو کي گڏجي اڳتي وڌڻ تي زور ڏنو.

وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي به آڇ ڪئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ گورنر جي مقرري تي مشاورت ڪئي وئي.

بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه لاءِ مختلف نالا تجويز ڪيا، وزيراعظم ٻنهي نالن کي پنهنجي صلاح سان جلد صدر ڏانهن موڪلڻ جو يقين ڏياريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.