سون جي اگهه ۾ مسلسل لاٿ، اڄ به سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 900 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 41 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 771 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 6 هزار 619 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 8 ڊالر گهٽجڻ سان 2288 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.