لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني عمران خان ڊيل ڪئي ته هو شهباز شريف بڻجي ويندو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف کي هاڻ خطرو پنهنجي گهر وارن مان نه ٻاهر وارن مان ۽ انهن مان آهي، جن کيس آندو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪي حالتون هلي رهيون آهن، اهڙن بحرانن ۾ اسان کي پاڻ سنڀالڻ جي ضرورت آهي، آئين موجود آهي، ڪنهن نئين چارٽر جي ضرورت ناهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته اسان جي ملڪ جا جج هڪ تاريخ لکي رهيا آهن، پاڪستان ۾ هڪ سوشل چينج اچي چڪو آهي، اهو سڀني ڏٺو آهي.
پي ٽي آءِ باني جي ڊيل بابت سوال تي سندس چوڻ هو ته هتي ڪو ڪنهن سان ڊيل نٿو ڪري سگهي، پي ٽي آءِ باني به ڊيل نه ڪندو، جيڪڏهن ڊيل ڪيائين ته شهباز شريف بڻجي ويندو.
هن چيو ته رابطا هر جماعت سان ٿيڻ گهرجن ۽ اسان سڀني کي هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي.
Prev Post
You might also like