اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳڻپ کاتي مهانگائي جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
ڳڻپ کاتي موجب مارچ 2024 ۾ مهانگائي جي شرح 20.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي پر اپريل ۾ اها شرح 3.4 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ 17.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ڳڻپ کاتي ٻڌايو ته شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 0.1 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ 19.4 سيڪڙو رڪارڊ ٿي ۽ اپريل ۾ ٻهراڙي جي علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.9 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي، جنهن کانپوءِ شرح 14.5 سيڪڙو رهي.
ڳڻپ کاتي موجب اپريل 2023 ۾ مهانگائي جي شرح 36.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جولاءِ کان اپريل تائين مهانگائي جي شرح 25.97 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
You might also like