ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائمز خلاف احتجاج ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان موجب هڪ ڏينهن ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچن ٿا، جن ۾ شهري به جانيون وڃائي ويٺا آهن، سنڌ حڪومت اسٽريٽ ڪرائم روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي. رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان مرڪزي احتجاج کان اڳ علائقائي سطح تي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي، احتجاج ڪيئن ٿيندو، ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿيندو، ان جو فيصلو ايم ڪيو ايم جي اعليٰ قيادت ايندڙ اجلاس ۾ ڪندي. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير ايم ڪيو ايم جي وفد کي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو