اسلام آباد (م ڊ): آءِ ايم ايف نئون پروگرام لاءِ پينشن تي ٽئڪس لڳائڻ، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ، خساري ۾ هلندڙ ادارن کي وڪرو ڪرڻ ۽ ٽئڪس جو دائرو وڌائڻ جا شرط رکي ڇڏيا آهن، جڏهن ته حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان هلندڙ مهيني جي نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهين جي شيڊول کان اڳ وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نئين پروگرام بابت شرطن تي ڳالهين لاءِ 15 مئي تي آءِ ايم ايف جو وفد دوري تي ايندو. آءِ ايم ايف وفد جي دوري ۾ 6 کان 8 ارب ڊالرن جي ايندڙ بيل آئوٽ پئڪيج جي اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو. ايف بي آر پينشن سسٽم ۾ سڌارن لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي، تجويزن ۾ هڪ لک کان گهٽ پينشنرن تي ٽئڪس لڳائڻ يا سمورن پينشنرن تي 10 سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جا آپشن شامل آهن. حڪومت بجيٽ جا هدف مقرر ڪري ڇڏيا ۽ آءِ ايم ايف مشن جي آمد کان اڳ ڪابينا طرفان بجيٽ تيارين جي ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت ان حوالي سان وزارتن کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، بجيٽ ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. وزارتون هدف مقرر ڪنديون جن ۾ قرض جي واپسي، دفاعي بجيٽ، ٽمڪس گڏ ڪرڻ سميت ٻيا معاملا شامل آهن. آءِ ايم ايف سان قرض جي نئين پروگرام تي هلندڙ مهيني طئي ٿيل ڳالهين کان اڳ، وفاقي حڪومت حڪومتي اهلڪارن کي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب گريڊ 17 کان 22 تائين جي ڪسٽم آفيسرن جي سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪسٽم آفيسرن کي سبسڊي وارو هائوس رينٽ ۽ ميڊيڪل چارجز ختم ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب 17 کان 22 گريڊ جي ڪسٽم آفيسرن جي سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪسٽم آفيسرن کي هائوس رينٽ ۽ ميڊيڪل چارجز ۾ ڏنل سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ڪسٽم آفيسر اهي رعايتون ڪمن مني فنڊ مان ڪٽي رهيا هئا، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪمن مني فنڊ مان سبسڊي ۽ رعايتون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.