غزا(م ڊ)غزا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 28 فلسطيني شهيد ٿي ويا،فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 34 هزار 596 ٿي ويو آهي، جڏهن ته حملن ۾ 77 هزار 816 فلسطيني زخمي ٿيا آهن.
-
سنڌ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي بورڊ جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي بورڊ جي پنجين گورننگ باڊي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بورڊ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي مارڪيٽ مان هيڊ سرچ ذريعي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف،سيڪريٽري آءِ ٽي آصف اڪرام، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، بورڊ جي ميمبرن جهان آرا ۽ (وڊيو لنڪ ذريعي) جنيد قريشي، آصف پير ۽ اساما ناصر شرڪت ڪئي. وڏي وزير خيالن جي مٽا سٽا کان پوءِ فيصلو ڪيو ته بورڊ ۾ هڪ مئنيجنگ ڊائريڪٽر هجڻ گهرجي ۽ ان کي مارڪيٽ مان هيڊ سرچ ذريعي مقرر ڪيو وڃي. هن سيڪريٽري آءِ ٽي آصف اڪرام کي هدايت ڪئي ته مقرري جو عمل 6 هفتن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته سمورن کاتن ۾ اي-فائل سسٽم هجڻ گهرجي ته جيئن پيپر ليس ڊجيٽل فائلنگ سسٽم تيار ڪيو وڃي. هن هدايت ڏيندي چيو ته ان حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون وڃن.