ٽنڊي الهيار ۽ ميرپورخاص ۾ ارڙي جا قهر، وڌيڪ 4 ٻار فوت، رپورٽ طلب

ڪراچي/ٽنڊوالھيار/سنڌڙي/چمبڙ(نمائندن وٽان) ٽنڊي الهيار ضلعي جي تعلقي چمبڙ ۾ ارڙي بي قابو ٿي چڪي آهي، يوسي بيگن جروار جي ڳوٺ جرار ٿيٻو ۾ 2 ورھين جي معصوم نياڻي ڌني بنت ڪيول جوڳي ۽ 4 ورھين جي نياڻي نصيبان بنت ڪرمڻ جوڳي ارڙي سبب فوت ٿي ويون. مسو بوزدار واسي 4 ورھين جو ٻارڙو حبيب الرحمان ولد محمد علي بوزدار کي خطري واري حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال ۾ موڪليو ويو آھي. جڏھن ته 4 ٻارڙا ٽنڊوالھيار جي سول اسپتال ۾ زير علاج آھن. ٻئي طرف چمبڙ تعلقي ۾ به 2 ٻارن جي فوتگي باوجود ارڙي جي بيماري جو وئيڪسن مرڪز قائم نه ڪيو ويو آھي، فوتي ٻارڙن جو ارڙي سميت پراسرار بيمارين وگهي فوت ٿيندڙ ٻارڙن جو مجموعي انگ 11 ٿي ويو. سنڌڙي تعلقي ۾ معصوم  ٻارڙن تان موت ٽارو نه ڪيو، سنڌڙي تعلقي جي ڳوٺ عثمان شر ۾ به  5 ورھين مجاهد پٽ گلڻ خان ۽ سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ ولي محمد سولنگي ۾ 7 ورھين آيت بيبي ڌيءَ سجاد سولنگي پر اسرار بيماري ۾ فوت ٿي وئي فوتي ٻارڙن  جي گهرن ۾قهرام متل آهي، واضع رهي ته سنڌڙي تعلقي ۾ 18 ڏينهن اندر فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو آهي، هوڏانهن سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ميرپور خاص ۽ ٽنڊوالهيار ۾ اُرڙي جي بيماري سان ٿيندڙ فوتگين تي ميڊيا رپورٽس جو نوٽيس ورتو آهي. صوبائي وزير چيو ته اپريل 2024 جي دوران اُرڙي سان ٿيندڙ 12 فوتگين جي تحقيقات ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي سيڪريٽري صحت سنڌ ريحان اقبال صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته  رپورٽ ٿيندڙ 11 مان 09 فوتگيون اُرڙي جي بيماري جي سبب سان ناهن ٿيون پر ڊائريا، سيپسس ۽ ٻين بيمارين جي ڪري لاڏاڻو ڪري ويا آهن. سنڌ جي صحت کاتي واري سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته ارڙي جي بيماري کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا آهن سنڌ حڪومت ويڪسين جي اهل ٻارن تائين پهچڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ارڙي کي ٻارن تي حملو ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.