ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ بجلي جو بل ادا ڪرڻ باوجود نوجوان جي ناحق گرفتاري سبب پوڙهو پيءُ حياتي وڃائي ويٺو.
ذريعن موجب حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) جي غير ذميواراڻي رويي سبب هڪ ٻيو گهر اجڙي ويو.
حيسڪو عملي جي ادائيگي ۽ گرفتاري مهم جي سلسلي ۾ ليبر ڪالوني ۾ مسلسل بلن جي ادائيگي باوجود نوجوان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
نوجوان جو پيءُ محمد عبدالمجيد اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو.
اهڙيءَ ريت حيسڪو جي غير ذميواراڻي عمل سندس زندگي کسي ورتي.
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته حيسڪو پاران سائيٽ ٿاڻي ۾ ليبر ڪالوني جي رهواسي دانش سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
22 اپريل 2024 تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد سائيٽ پوليس دانش کي گرفتار ڪري 1 لک 20 هزار 416 رپين جو بل ادا نه ڪرڻ تي جيل موڪليو.