واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ انٽوني جي بلنڪن صحافت جي آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هر سال صحافت جي آزادي جي ڏينهن تي دنيا صحافت جي اهميت جو جشن ملهائيندي آهي ۽ جمهوري معاشرن ۾ سرگرم، آزاد ميڊيا جي اهم ڪردار کي تسليم ڪري ٿي. درست ڄاڻ، خيالن ۽ راءِ جو آزاداڻو استعمال جامع حڪومت لاءِ ضروري آهي.
هن چيو ته سچ جي ڳولا ۾ صحافين کي رڳو پنهنجي ڪم ڪرڻ لاءِ بي مثال خطري کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. تازو 2023 ۾ ڪنهن به سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صحافي مارريا ويا. آمراڻين حڪومتن ۽ غير رياستي اداڪار سماجي ڳالهين کي نقصان پهچائڻ ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ، حڪومتن کي جوابده قرار ڏيڻ ۽ سچائي کي سامهون آڻڻ لاءِ صحافين جي ڪوششن ۾ رنڊڪون وجهڻ لاءِ غلط ڄاڻ ۽ پروپيگينڊا جو استعمال ڪندا رهندا آهن.
سندس چوڻ هو ته اهي حڪومتون جيڪي سچائي تي ٻڌل رپورٽنگ کان ڊڄنديون آهن، انفرادي صحافين کي نشانو بڻائڻ تي راضي ثابت ٿيون آهن. ڪمرشل اسپاءِ ويئر ۽ ٻيون نگراني وارين ٽيڪنالاجيز جو غلط استعمال ڪيو ويو.
انٽوني بلنڪن موجب صحافت جي آزادي جي ڏينهن تي اسان هر قوم کان صحافين جي تحفظ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ اسان سڄي دنيا ۾ آزاد ۽ خودمختيار ميڊيا لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا.