اسلام آباد جي داخلي رستن تي ڪنٽينرز پهچي ويا، پوليس نفري مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي سلسلي ۾ اسلام آباد جي داخلي رستن تي ڪنٽينرز پهچايا ويا آهن، حفاظتي قدمن تحت هزارين اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران حڪومت خلاف لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي وفاقي راڄڌاني جي داخلي رستن تي ڪنٽينرز پهچايا ويا آهن جڏهن ته پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي اهي.

ذريعن موجب اسلام آباد انتطاميا اهم ۽ حساس علائقن وارن رستن تي ڪنٽينرز پهچائڻ سان گڏوگڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به مقرر ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ پوليس جا اهلڪار به اسلام آباد پهچي چڪا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ کي ڌيان ۾ رکندي 13 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. ان سلسلي ۾ پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري به گھرائي وئي آهي.

اسلام آباد انتطاميا لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته روڊ زون ڏانهن ويندڙ رستن کي به بند ڪيو ويندو.

ان کان اڳ وفاقي راڄڌاني م قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فليگ مارچ ڪيو، جنهن ۾ اسلام آباد پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري شريڪ ٿي، اختيارين موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فليگ مارچ جو مقصد شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي يقيني بنائڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.