سنڌ ۾ سخت گرمي ۽ برسات، موسمياتي تجزئي نگارن تازي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايندڙ 5 کان 6 ڏينهن موسم وچولي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان کانپوءِ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسمياتي تجزئي نگارن موجب ڀارتي گجرات ۾ پوسٽ چوماسي سسٽم سان سامونڊي هوائون متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، اڄ رات کان اولهه هوائن جو سسٽم ملڪ جي اترئين حصي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو وچولو سسٽم 48 کان 72 ڪلاڪن تائين پهچي سگهي ٿو، سسٽم تحت خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان، پنجاب جي مٿين علائقن ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، آچر تائين سسٽم جي شدت رهي سگهي ٿي.

تجزئي نگارن موجب اترئين علائقن ۽ جبلن تي برفباري به ٿي سگهي، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، آڪٽوبر ۾ 4 کان 5 اولهه هوائن سان سسٽم اترئين حصي تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.

موسمياتي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ سنڌ ۽ بلوچستان تي اولهه هوائن جا هڪ کان ٻه سسٽم اثرانداز ٿي سگهن ٿا، سنڌ جي ڏاکڻي ۽ سامونڊي علائقن ۾ برسات جا هڪ کان ٻه سسٽم اچي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.