چيف جسٽس کي ٻڏي ويل ڪي اين شاهه جي بدترين صورتحال جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ: آزاد بخاري) خيرپور ناٿن شاهه ۾ 21 ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا شهر مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، چونڊيل نمائندا ضلعي انتظاميا مسلسل گم ٿي ويا، جنهن ڪري سوين  ماڻهو بيمارين ۾ وٺجي ويا، ڳوٺن بندن ۽ شهر ۾ ويٺل هزارين ٻوڏ متاثر کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٻوڌ جو گندو پاڻي پيئڻ جي ڪري مرد عورتون معصوم ٻارڙا نوجوان مليريا گيسٽرو پيٽ چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ضلعي انتظاميا متاثرن کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، هر روز ماڻهو بيمارين ۾ مري رهيا آهن صحت کاتي اک نه پٽي آهي، هوڏانهن حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا خلاف شهرين احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون نوٽيس وٺي شهر مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، بندن کي پيل گهارا بند ڪرائي شهر ۾ بجلي گئس موبائيل نيٽ ورڪ جي سهولت فراهم ڪري شهرين ڳوٺاڻن کي کاڌ خوراڪ دوائون پيئڻ جو صاف پاڻي جو  بندوبست ڪري وڌيڪ انساني جانين کي بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.