سُپر اسٽار فاسٽ بالر شاهين شاهه جي فٽنس بابت اهم خبر اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي پرئڪٽس کي سپروائز ڪرڻ لاءِ نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر جي بالنگ ڪوچ عمر رشيد ايندڙ هفتي انگلينڊ ويندو.

ذريعن موجب عمر رشيد انگلينڊ ۾ ري هيب لاءِ موجود فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي بالنگ پرئڪٽس کي سپروائز ڪندو.

عمر رشيد جو گذريل هفتي دبئي کان واپسي تي انگلينڊ  لاءِ ويزا اپلاءِ ڪيو ويو، هاڻ امڪان آهي ته ايندڙ هفتي سندس ويزا لڳي ويندي جنهن بعد هو فوري طور انگلينڊ لاءِ روانو ٿيندو.

ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته شاهين شاهه آفريدي هاڻي رننگ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هو ايندڙ هفتي بالنگ پڻ ڪندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.