شهبازگل ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾آزاد

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ادارن خلاف ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل کي پنج لکن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران اسپيل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته شهباز گِل هڪ خانگي ٽي وي چئنل تي ادارن خلاف ڳالهايو  هو، اهو چئنل ملڪ جو هر ٻيو شهري ڏسي رهيو هو، آرمڊ فورسز  ۾ پڻ اهو چئنل ڏٺو ويندو آهي، اها ڳالهه بغاوت تي ڀڙڪائڻ جو الزام ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيوته شهباز گِل جيڪڏهن ڪنهن هڪ به بغاوت ڪرڻ جو چيو آهي ته ٻڌايو؟ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد شهباز گِل کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

ڊالر جي اڏام، 241 رپين تائين پهتو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي

ڪراچي ( رپورٽر ) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ رُپئي جي بي قدري جي سلسلو جاري آهي، چئن ڏينهن ۾ ڊالر ست رُپيا 70 پئسا مهانگو ٿي چڪو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 235.88 رُپين جو ٿي ويو، انٽر بئنڪ ۾ ڪالهه  ڊالر 1.56 رُپيا مهانگو ٿيو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 241 رُپين جو ٿي چڪو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رُپيا مهانگو ٿيو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ٻاڙائي رهي، 239  پوائنٽون گهٽجي ويون. ڪاروبار 41772 رپين تي بند ٿيو.  03

لڳي ٿو آرمي چيف جي مقرري ئي ملڪ جو وڏو مسئلو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ايئن لڳي ٿو ته آرمي چيف جي مقرري ئي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ٽوئيٽرتي بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم فيول ايڊجسٽمينٽ معاف ڪري ٿو ۽ توانائي وزير ملتوي ڪري ٿو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ڪارڪنن جا لاش ملڻ باوجود حڪمرانن جي سياسي لاش سان گڏ بيٺي آهي، هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد نه رڳو تصويرون ڇڪرايون پيون وڃن، گردشي قرض 23 کرب ٿي ويا آهن، لاپتا شهري جي بازيابي هجي يا پيناڊول جي گوري جي دستيابي هاءِ ڪورٽ مان ملي ٿي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.