سکر ۾ وفاقي وزير جي دوري حڪم بعد به برسات پاڻي نه نڪتو

سکر (رپورٽر) سکر جي علائقي نئين ڳوٺ مان پيل برسات کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود علائقي مان برسات ۽ گٽرن جو گندو پاڻي هن وقت تائين ناهي نڪتو، جنهن سبب علائقي واسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهي ۽ گندو پاڻي بيهڻ ڪري مختلف بيمارين پڻ ڪر کنيو آهي، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خورشيد احمد شاھ سميت سيد فرخ شاھ، نعمان اسلام شيخ ۽ ٻين پاران علائقي جو دورو ڪري مسئلن جي حل جي يقين ڌياني ڪرائڻ باوجود هن وقت تائين علائقي مان پاڻي نيڪال سميت علائقي واسين کي بلدياتي سهولت فرام ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ  ناهن ورتا، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته علائقي مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ سميت علائقي واسين کي بنيادي ۽ بلدياتي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ  اپاءَ ورتا وڃن.

 ٺٽو ويجهو ٻيهر برسات متاثرن جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

ٺٽو(ڊر) چليا ويجهو سهڻي لٺ تي بي يارو مددگار ويٺل ٻوڏ متاثر ملاح برادري جي ڪيترن ئي رھواسين جي ڪيترائي ڏينھن گذرڻ باوجود ضلعي انتظاميہ ٺٽو ڪابہ پوئيواري نہ ڪئي ويتر ٻن ڏينھن کان جاري برساتن سندن تڪليفن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، پر مٿن ڪنھن کي بہ ڪھل نٿي اچي، جيڪي بک بدحالي جو شڪار بڻجڻ سان گڏ بيمارين ۾ بہ وڪوڙجي ويا آھن، ان سلسلي ۾ متاثر ٿيل ٻوڏ متاثرين احمد ملاح، علي محمد ملاح، گل حسن ملاح، محمد ملاح دانھيندي چيو تہ درياء بادشاھ سڀ ڪجھ ختم ڪري ڇڏيو اھي، گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان بي يارو مددگار بڻيل اھيون، پر اڃان تائين کين تنبو، راشن، مڇردانين سان گڏ صحت جي ڪابہ سھوليت ميسر ٿي ناھي سگھي، ويتر پيل برساتن سندن تڪليفن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو اھي، گھر جي ڇت نہ ھجڻ ڪري برسات دوران معصوم ٻارڙن کي کٽن ھيٺان ويھاري مٿان ڪک، پن وجھي کين برساتن کان بچايو آھي، جنھن ڪري ڪافي ماڻھون بيمار ٿي پيا آھن، اسانجي 50 گھرن تي مشتمل ھن عارضي ٺڪاڻي (پناھ گاھ) تي ڪنھن جي بہ نظر نٿي پوي، ھنن چيو تہ ھو درياء جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪيلن جي باغن تي مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا ھئا، جيڪو روزگار بہ ختم ٿي ويو آھي، ھتي اسانجا ٻچا بکن ۾ پيا پاھ ٿين، پر ڪنھن کي بہ اسانجي بکين ٻچن تي رحم نٿو اچي، رڳو من پسند ماڻھن کي نوازيو ٿو وڃي، ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ کين تنبو، راشن، مڇرانيون، صحت جي سھوليتن سان گڏ ھنڌ بسترا، ٿانو مھيا ڪيا وڃن، جيئن ھو پريشاني کان بچي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.