سهراب ڳوٺ ۾ غيرقانوني افغاني شهرين خلاف آپريشن،ڪيترائي گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي سهراب ڳوٺ ۾ غير قانوني افغان شهرين خلاف وڏو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. سهراب ڳوٺ ۾ غير قانوني  طور رهندڙ افغان شهرين خلاف وڏي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.تفصيل موجب ڪراچي شهر جي علائقي سهراب ڳوٺ ويجهو پوليس جي وڏي نفري مخصوص علائقي جو گهيرو ڪري غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس جي وڏي نفري سهراب ڳوٺ پهچي ۽ غير قانوني افغان شهرين خلاف گرينڊ آپريشن ڪري رهيو ڪيو پيو وڃي ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ چوڌري سهيل فيض جي سربراهيءَ ۾ پوليس ٽيم جوڙي وئي آهي، هن ٻڌايو ته مخصوص علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي، داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وارن رستن کي بند ڪري گهر گهر تلاشي ورتي پئي وڃي گذريل رات 26 گرفتاريون ڪيون ويون، اڄ وڌيڪ 15 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.هن چيو ته نادرا جي ٽيم کي به پوليس سان گڏ هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته افغان شهرين وٽ جعلي شناختي ڪارڊ آهن، اصل ۽ نقل جي خبر ناهي هوندي، اهي گرفتار ٿين ٿا ۽ پوءِ ضمانت بعد واپس اچي وڃن ٿا، اهي هاء ويز فيڪٽرين مان ڦر لٽ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.