سکر : پٽڻي شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، گهر ڊهي پيا، اسڪولن کي ڏار

سکر ( رپورٽ: آزاد مهر )  پٽڻي شهر مان برساتي پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ سبب ڪبير احمد ڍنڍڻ، عبدالڪريم، محمد نواز، فرحان علي ۽ ٻين پريشان شهرين سکر ۾ احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته روهڙي تعلقي جي يونين ڪائونسل پٽڻي جي سيڪريٽري سميت ضلعي انتظاميه جي لاپرواهي سبب برساتون ختم ٿيڻ باوجود پٽڻي شهر جي هيٺائين وارا محلا اڄ به پاڻي ۾ ٻڏل آهن ۽ شهر ٻاهران کڏن ۾ جمع ٿيل برساتي پاڻي سبب گونمينٽ گرلز ايليمينٽري اسڪول، ۽ گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول پٽڻي جي عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا آهن، سرڪاري اسپتال بيسڪ هيلٿ يونٽ جي ڪمرن جون به ڇتيون ڪري پيون آهن، جيلاني مسجد به برساري پاڻي جي گهيري ۾ آهي، جنهن ڪري نمازين کي وڏي تڪيلف آهي، هنن وڌيڪ چيو ته يونين ڪائونسل پٽڻي جو سيڪريٽري ۽ ايڊمنسٽريٽر مشتاق ڀنڀرو پاران ملي ڀڳت ڪري هر مهيني ايندڙ سنڌ حڪومت کان لکين روپيا ڪوڙا بل ٺاهي هڙپ ڪري وڃن ٿا، جن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي،برسات سبب غريب ماڻهن جا ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿيا آهن، يو سي سيڪريٽري، چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي وفاقي وزير ڳولي ڏيڻ سميت جلد واهر ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي پريشانين ۽ بيمارين کان بچايو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.