ٿاڻو بولا خان ۾ هندو ڪائونسل پاران امدادي سامان ورهايو ويو

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ) پاڪستان ھندو ڪائونسل برساتي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ نڪري پئي، روزمره جي استعمال جي سامان جو هڪ  ڪنٽينر ڪائونسل جي باني راجا آسرمل منگلاڻي ۽ گوپال داس کمواڻي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد، مٽياري، اڏيرولال، خيبر سميت مختلف علائقن ۾ ورهايو ويو. ان موقعي تي ڪائونسل جي باني راجا آسرمل منگلاڻي جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ جي مسڪين ماڻهن کي هن وقت مدد جي ضرورت آهي، اهڙي وقت تي پاڪستان هندو ڪائونسل بنا ڪنهن مذهب، رنگ ۽ نسل جي پنهنجي وس آهر ماڻهن جي مدد لاءِ نڪتي آهي، جيترو تائين ٿي سگهيو، هو ٻوڏ ۽ برسات متاثر ماڻهن جي مدد جاري رکندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.