دريا خان مري ۽ ڀرپاسي ڊينگي جا 2 ڪيس ظاهر

دريا خان مري (ن ع آ)دريا خان مري جي آسپاس وارن علائقن ۾ ڊينگي جا 2 ڪيس ظاھر ڳوٺ ٻيرڪي واسڻ معصوم نينگري 4 ساله جويره ڌيء محمد عامر ڪوٽ لالو اسٽيشن واسي 12 ساله نينگر عاشر پٽ سرفراز احمد لوڻا جي ڊاڪٽر پاران تجويز ڪيل مقامي گلوبل ليبارٽري مان ڊينگي وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي وئي ته ليبارٽري پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ 2 معصوم ٻارڙن کي ڊينگي وائرس ظاھر ٿيو آھي ٻارڙن جي والدين سرفراز احمد لوڻا ۽ محمد عامر ٻڌايو ته مقامي ليبارٽري مان ڊينگي وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي وئي ٽيسٽ ۾ معصوم ٻارڙن کي ڊينگي وائرس ظاھر ٿيو آھي ۽ معصوم نينگرن جو پنھنجي خرچ تي علاج ڪرائي رھيا آھيون انشاء الله ٻارڙا جلد صحتياب ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.