عمران ۽ شوڪت ترين خلاف ڪارروائي تي غور

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي سرڪار تحريڪ انصاف اڳواڻن جو گهيرو تنگ ڪندي عمران خان ۽ شوڪت ترين خلاف قدم کڻڻ تي غور شروع  ڪري ڏنو آهي.ذريعن موجب وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف آئيني ۽ قانوني لحاظ سان گهيرو تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي حڪمران پارٽي جي اهم اڳواڻن خلاف مختلف آئيني ۽ قانوني شقن جو ڄار وڇائڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو پيو وڃي. آرٽيڪل 63 جي شق تحت اقتدار اعليٰ، ملڪي سالميت ۽ سلامتي سان گڏوگڏ هٿياربند فوج ۽ عدليه جي تقدس کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي.اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ 406 جي تحت ڪارروائي تي غور ڪيو پيو وڃي. پاڪستان پينل ڪوڊ جي شق 406 خيانت ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث شخص خلاف ڪارروائي جو اختيار ڏئي ٿي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.