عطا تارڙ، راڻا مشهود سميت ن ليگ جي 12 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامن واري ڪيس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ ۽ راڻا مشهود سميت 12 ليگي اڳواڻن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

لاهور پوليس طرفان ن ليگ جي 12 اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت لاءِ مجسٽريٽ وٽ درخواست جمع ڪرائي وئي هئي.

پوليس درخواست ۾ عطا تارڙ، راڻا مشهود، اويس لغاري ۽ سيف الملوڪ کوکر سميت ٻين اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ گهريا هئا.

مسجٽريٽ وٽ جمع ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو هو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل آهن، جوابدار ڄاڻي واڻي پيش نه پيا ٿين، کين گرفتار ڪري جاچ مڪمل ڪرڻي آهي انڪري گرفتاري جي اجازت ڏني وڃي.

جڊيشل  مجسٽريٽ پوليس جي درخواست منظوري ڪندي ن ليگ 12 اڳواڻن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.