ميهڙ: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو منومل کي الوداعي پارٽي ڏني وئي

ميھڙ بار پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو منومل کي کي الوداعي پارٽي ڏني وئي جنھن ۾ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سهيل پرويز قريشي، سينئر سول جج سيد مهدي شاه، فرسٽ سول جج محمد اسلم ڪلهوڙو، سيڪنڊ سول جج مجيب الرحمن ڦلپوٽو ميھڙ بار جي عهديدارن صدر ايڊووڪيٽ عبدالحليم ٻگهيو، سميت وڏي تعداد ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو منو مل چيو ته دادو ضلعي ۾ مون کي پيار ۽ محبت مليو دادو ۾ مقرري وارو عرصو ياد رھندو

ان موقعي تي بار جي اڳواڻن وڪيل عبدالحليم ٻگھيو. وڪيل سعيد احمد پنھور ۽ ٻين چيو ته ميھڙ بار قانون جي بالادستي ۽ عدليا جي آزادي لاءِ جدوجھد ۾ اڳبري رھي آھي

ان موقعي تي پروگرام ۾ آيل مھمانن کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفه ڏنا ويا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.