روهت شرما، شاهد آفريدي کان وڏو اعزاز کسي ورتو

 

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان روهت شرما قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي کي پوئتي ڇڏيندي عالمي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ دنيا جو ٻيو بيٽر بڻجي ويو.

روهت شرما ويسٽ انڊيز خلاف چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 16 بالن تي 33 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ 3 ڇڪا به شامل هئا.

اهڙي اننگز کانپوءِ روهت شرما عالمي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙن جي فهرست ۾ بوم بوم آفريدي کي پوئتي ڇڏيندي ٻئي نمبر تي اچي ويو.

شاهد آفريدي پنهنجي ڪيريئر ۾ 27 ٽيسٽ ميچن ۾ 52، 398 ون ڊي ميچن ۾ 351 ۽ 99 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 73 ڇڪا هنيا، سندس ڇڪن جو مجموعي انگ 476 آهي.

روهت شرما عالمي ڪرڪيٽ ۾ 477 ڇڪا هڻي چڪو آهي، هن 45 ٽيسٽ ميچن ۾ 64، 233 ون ڊي ميچن ۾ 250 ۽ 132 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 163 ڇڪا هنيا آهن.

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙن جي فهرست ۾ ڪرس گيل پهرئين نمبر تي آهي، جنهن جي ڇڪن جو انگ 553 آهي، جڏهن ته ان فهرست ۾ نيوزيلينڊ جو برينڊن ميڪيولم 398 ڇڪن سان چوٿين ۽ نيوزيلينڊ جو ئي مارٽن گپٽل 379 ڇڪن سان پنجين نمبر تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.