پاڪستان پاران غزا تي اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان فلسطين جي علائقي غزا تي اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري اسرائيل تي  زور ڀري ته هو طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طورتي بند ڪري، پرڏيهي ترجمان چيو ته  اڳرائي جي تازي لهر بين الاقوامي انساني حقن ۽ انساني قانون جي مڪمل خلاف ورزي سان بي گناهه فلسطينن خلاف اسرائيلي ظلم، غير قانوني قدمن ۽ طاقت جي وحشياڻي استعمال جو تسلسل آهي. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل تي زور ڀري تي طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور بند ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.