ٺٽي ۾باثرن جو گهر تي حملو، عورت سميت چار ڄڻا زخمي، احتجاج

ٺٽو(ڊر) ٺٽي شھر جي آگر محلي ۾ بااثر شخص مشتاق ميمڻ پنھنجي ھٿياربند ماڻھن سان گڏ جماعت اسلامي جي ڪارڪن لونگ گڏواڻي  جي گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي لٺيون، ڇرا ۽ چاڪون ھڻي ھڪ عورت سميت 4 ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو اھي، زخمين ۾ جماعت اسلامي جو ڪارڪن لونگ گڏواڻي، سندس گھر واري مسمات نازيہ، شعيب گڏواڻي ۽ اسلم سرائي شامل آھن، جن کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي، ٺٽي ٿاڻي تي بااثر حملي آور مشتاق ميمڻ ۽ سندس ساٿين خلاف رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪوبہ حملي آور جوابدار گرفتار ڪري ناھي سگھي، ٻئي طرف زخمي جماعت اسلامي جي ڪارڪن لونگ گڏواڻي چيو تہ بااٍر شخص مشتاق ميمڻ پنھنجي ھٿياربند ماڻھن سان گڏ اسانجي گھر تي ڪاھ ڪري اسانکي زخمي ڪرڻ بعد ھاڻي وڌيڪ نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، جن مان کين نقصان جو خطرو اھي. ھن چيو تہ پوليس بہ اسانجي مدد ڪرڻ بجآء بااثر ماڻھن جي ونگاري بڻيل اھي. ھن ايس ايس پي ٺٽو کان انصاف جو مطالبو ڪندي سمورن حملي آورن کي گرفتار ڪري کين مڪمل تحفظ ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.