راڄوخاناڻي مان ڳوٺاڻي جو لاش واهه مان هٿ

راڄوخاناڻي (ن ع آ)راڄوخاناڻي ويجهو اڪرم ڪئنال ۾ لڙھي آيل پيرسن جي لاش کي ڳوٺاڻن ڏسي ڪڍي لاش کي تلھار سول اسپتال  پهچايو جتي سندس سڃاڻپ راڄوخاناڻي واسي 60 ساله صاحب ميتلو طور ٿي وئي آهي فوتي جي پٽ نور محمد ميتلو سوشل ميڊيا تي لاش جي  تصوير ڏسي سڃاڻي ورتو ،تلهاراسپتال  پهچي ويو لاش ،تلهار پوليس ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو  ،فوتي جي پٽ صحافين کي ٻڌايو ته فوتي صاحب ميتلو دماغي مريض هو ڪافي وقت کان سندس دماغي توازن درست نه هو ،اڄ صبح کان غائب هو ته اسين سندس ڳولا ڪري رھيا ھئا سين ته اسانکي اطلاع مليو ته تلھار اسپتال۾ لاش پيو آهي جتان مڙھ کي کڻائي ڳوٺ پھتا ڳوٺ۾ ڏک جو ماحول ڇانئجي ويو ۽ فوتي جي گھر۾ قھرام مچي ويو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.