ميهڙ ۾ بدامني، عوامي تحريڪ 40هين ڏينهن کان سراپا احتجاج

ميھڙ (ت ر) ميهڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني ۔ ون فائيو سينٽر ڀرسان اعواڻ ميڊيڪل اسٽور ۔ شيراز ميڊيڪل اسٽور سميت 4 ميڊيڪل اسٽورن تان لکئين روپين جي ڦر واري واقعي خلاف ميڊيڪل اسٽور يونين جي سڏ تي ميھڙ شھر  جا ميڊيڪل اسٽور مڪمل طور بند ڪري ميھڙ جي گھنٽا گھر چوڪ وٽ عوامي تحريڪ پاران بدامني خلاف 40 ڏينھن کان ھلندڙ ڪيمپ تي پھچي احتجاج ڪيو ۽ بدامني خلاف شديد نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيڪل اسٽور يونين جي اڳواڻن شفيق خاصخيلي ،آصف اعواڻ ، عبدالرشيد شيخ ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وڪيل نجيب مھيسر ۽ ٻين چيو ته ميھڙ شھر ۾ ون فائيو سينٽر ڀرسان چئن کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽورن مان سرعام لکين روپين جي ڦر ڪئي وئي پر پوليس ڦر وارن واقعن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگھي آھي ۽ نه وري ڦرن جي ڪيس ۾ ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي آھي پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائي بجاء بدامني ۽ ڦر جي واقعن خلاف احتجاج ڪندڙن تي دهشگردي ائڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن ھنن چيو ته اسين ايس ايس پي جي آفيس سميت ميھڙ پوليس اسٽيشنن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پياسين پر پوليس ڪا به واھر ناهي ڪئي ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ميڊيڪل اسٽورن مان ٿيل ڦر وارن واقعن خلاف ميھڙ شھر ۾ اسٽور بندڪري شٽربند ھڙتال ڪئي وئي آھي ھنن چيو ته ، شفيق خاصخيلي جي ميڊيڪل اسٽور مان ٻه ڀيرا ٿيل ڦر ۽ آصف اعواڻ ، آصف چنه ، شڪتي ڪمار جي ميڊيڪل اسٽورن مان ڦر ٿيل لکين روپين جي رڪوري ڪرائي امن امان جي بحال ڪري نااھل پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ بدامني خلاف احتجاج ڪندڙ شهرين تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.