لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته قوم کي غلامي مان ڇوٽڪاري جو ڀاشن ڏيندڙ پاڻ ٻاهرين طاقتن جو غلام ثابت ٿيو.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته فتنو خان پاڪستان جو پهريون ۽ واحد سياستدان آهي، جيڪو هڪ ئي فيصلي ۾ ترديد نه ٿيڻ جوڳن ثبوتن سان ڪوڙو، ڪرپٽ، مني لانڊرر ۽ ٻاهرين طاقتن جي چوڻ تي ڪم ڪندڙ ثابت ٿيو آهي.
فتنہ خان پاکستان کا پہلا اور واحد سیاستدان ہے جو ایک ہی فیصلے میں ناقابلِ تردید ثبوتوں کے ساتھ بیک وقت جھوٹا،کرپٹ،منی لانڈرر اور بیرونی قوتوں کے ایماء پر کام کرنے والا ثابت ہوا ہے۔اس کا اپنا ہی بنایا ہوا جھوٹا ایمانداری اور حب الوطنی کا بت آج اوندھے منہ گر گیا۔
بیشک اللّہ حق ہے!
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) August 2, 2022
هن چيو ته عمران خان جو پنهنجو ئي ٺاهيل ڪوڙو، ايمانداري ۽ حب الوطني جو بت اڄ اونڌي مُنهن ڪِري پيو، بيشڪ الله حق آهي.
سندس چوڻ هو ته قوم کي غلامي مان ڇوٽڪاري جا ڀاشن ڏيندڙ پاڻ ٻاهرين طاقتن جو غلام ثابت ٿيو، انهن کان پئسو وٺندو رهيو ۽ ان پئسي کي ملڪ ۾ فتني، ڏڦيڙ ۽ بربادي لاءِ خرچ ڪندو رهيو، ان فارن ايجنٽ کي پاڪستان جي ترقي روڪڻ، سي پيڪ جي خاتمي لاءِ لانچ ڪيو ويو هو، ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو.