راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن گم ٿيل هيلي ڪاپٽر جو ملبو هٿ آيو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ گذريل ڏينھن گم ٿيل ھيليڪاپٽر جو ملبو مليو آھي، هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ڪور ڪمانڊر سرفراز علي سوڌو 6 ڄڻا شھيد ٿي ويا آھن.
The wreckage of unfortunate hel which was on flood relief ops found in Musa Goth, Windar, Lasbela. All 6 offrs & sldrs incl Lt Gen Sarfraz Ali embraced shahadat. اِنّا لِلَّٰهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ
Accident occurred due to bad weather as per initial investigations . DTF pic.twitter.com/dnyano2vqC— DG ISPR (@OfficialDGISPR) August 2, 2022
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب هيلي ڪاپٽر جو ملبو موسيٰ ڳوٺ مان هٿ آيو آهي، جڏهن ته حادثو موسم جي خرابي سبب پيش آيو، هيلي ڪاپٽر ٻوڏ متاثرن جي رليف آپريشن ۾ مصروف هو.
آءِ ايس پي آر موجب حادثي ۾ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ ڊي جي ڪوسٽ گارڊ کانسواءِ ٻيا چار جوان ۽ آفيسر پڻ شهيد ٿي ويا آهن،جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ تفصيل جاچ کانپوءِ شيئر ڪيا ويندا.