سانگهڙ ضلعي ۾ برسات جون تباهه ڪاريون، لڏپلاڻ، ڦُٽين جو فصل تباهه

سانگهڙ(رپورٽ:محمد حسين بلوچ) ضلعي سانگهڙ ۾ تازين برساتن تباهي مچائي ڇڏي علائقي واسين پنهنجا گهر خالي ڪري مٿانهن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڦٽين جو فصل تباھ ضلعي سانگهڙ ۾ ٻوڏ واري صورتحال خبر موجب تازين چوماسي برساتن ضلعي سانگهڙ کي تباھ ڪري ڇڏيو ضلعي۾ پاڻي ئي پاڻي بيٺل آهي، ڪير به غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي کپرو، ورڪشاپ، گجرڻ ،ڄام نواز علي، شھدادپور، ٽنڊو آدم ،سنجھورو ،جهول برساتي پاڻي هيٺ ضلعي سانگهڙ ڦٽين ۾ ون نمبر تي هوندو آهي پر تازين برساتن پوڻ سبب مڪمل تباھ ٿي ويو آهي علائقي واسين پنهنجا گهر ڇڏي سر بچائي ٻاهر نڪتا آهن جيڪي مٿي ڌڙن تي هن مهل آباد آهن چوپايو مال بيمار هئڻ ڪري وٽنري ڊاڪٽر في ڊور ٻه هزار کان وڌيڪ علاج ڪرڻ جي رقم وٺي رهيا آهن جڏهن ته برساتن هئڻ ڪري علائقي اندر مڇرن عوام ۽ چوپائي مال جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آهن هتان جي سڃاھ وندن حڪومت سنڌ ۽ اعلي عملدارن کان گهر ڪئي آهي ته ضلعي سانگهڙ کي آفت زدہ قرار ڏئي ضلعي سانگهڙ ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪري ضلعي سانگهڙ جي عوام جي بيچيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.