جهازي سائز ڪابينا عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي: پرويزالاهي

لاهور(م ڊ) پنجاب ڪابينا جي حلف کڻڻ تي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي جو ردعمل سامهون اچي ويو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته جهازي سائز جي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي کلي عام ڀڃڪڙي آهي، ٽرسٽي وزيراعليٰ اقتدار بچائڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي خزاني جا منهن کولي ڇڏيا، هن چيو ته هر ٽن مان هڪ شخص کي وزير بڻايو ويو آهي، اڄ ڪابينا جو حلف ڪنهن مذاق کان گهٽ ناهي، 63 وزير يا وزيرن جي برابر مراعتون ڏئي ٽرسٽي وڏو وزير سپريم ڪورٽ جي حڪم جو مذاق اڏائي رهيو آهي، هن چيو ته حلف برداري ۽ ڪابينا جو اهو سائز به انهن حڪمرانن کي نٿو بچائي سگهي، غيرآئيني قدمن جي ذميوار حڪمرانن تي توهين عدالت به لڳڻ گهرجي

نرم مداخلت جا آواز پيا اچن، پاليسي ساز غلطي مڃين: جاويد لطيف

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته اڄ ڪيترين ئي ڌرين طرفان نرم مداخلت جا آواز اٿي رهيا آهن، ماحول ٺاهيو پيو وڃي ته سياسي جماعتن کي چونڊن تي راضي ڪري سگهجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، رات جي وقت سپريم ڪورٽ جون ڀتيون ٽپيون ويون، ان کي جذبن جو اظهار قرار ڏنو پيو وڃي ته ن ليگ تي سپريم ڪورٽ تي حملي جي الزام تي معافي گهري وڃي. هن چيو ته ڪيترين ئي ڌرين طرفان نرم مداخلت جا آواز اٿي رهيا آهن، ماحول ٺاهيو پيو وڃي ته سياسي جماعتن کي چونڊن تي راضي ڪري سگهجي، پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن کي سوچڻو پوندو، اڳ ۾ پنهنجي ٿيل غلطي تسليم ڪن پوءِ قومي مفاد جي ڳالهه ڪن. جاويد لطيف مطالبو ڪيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي فل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي وڃي ۽ نواز شريف جي سڀني اپيلن کي فوري طور ٻڌو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.