ڏهرڪي ۾ پريا ڪماري آزاد نه ٿي، وارثن جو احتجاج

ڏھرڪي (ن ع آ ) گزريل سال ڏہ محرم الحرام واري ڏينھن سنگرار شھر ۾ ماتمي جلوس ۾ شامل ماڻھن کي سبيل پياريندي معصوم  ستن ورھين جي نياڻي پريا ڪماري وارثن موجب ته سندن معصوم نياڻي مبينا اغوا ڪئي وئي آھي پريا ڪماري جي وارثن گزريل ھڪ سال پنھنجي نياڻي کي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ھوندو ڊي ائي جي سکر ايس ايس پي سکر ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن کان ويندي معززين تائين ڏينھن رات پنڌ ڪندي ٿڪجي پيا آهيون مگر نياڻي جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي سندس وارثن جو چوڻ اھي تہ اسان جي نياڻيڪٿي ته ھوندي سندن چوڻ اھي ته اکين آڏو مري وڃي ته پوء دلجاء ٿي ويندي آھي ڇو ته اکين سان ڏٺو ويندو آهي ته فوت ٿي وئي مگر مبينا اغوا ٿيل نياڻي زندہ آھي ان لاء دل کي ڪھڙو دلاسو ڏيون ھن سلسلي ۾ ڏھرڪي جي ھندو ينگ مينارٽي جي اڳواڻن اجيت ڪمار گودواڻي ڪرشنداس ۽ ٻين جو چوڻ اھي ته سکر پوليس ڪڏھن به نينگري جي بازيابي ۾ حقيقي دلچسپي نه ورتي جنھن سبب نياڻي بازياب نه ٿي سگھي ھنن چيو ته الله جي واسطي اسان جي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ لاء سنجيدہ ڪوششون ڪيون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.