ڪنڌڪوٽ ۾خالي گهر مان مليل لاش جي تدفين

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ گذريل ڏينهن کان عيد گاه محلي جي خالي گهر مان 6 ڏينهن پراڻو حسين بخش لاشاري جو لاش هٿ اچڻ بعد ۽ لاش جي باري ۾ پوليس ۽ صحت کاتي جي ٽيمن کي آگاه ڪرڻ جي باوجود پوري رات لاش لاوارث حالت ۾ خالي جڳه ۾ ئي پيل رهيو ۽ پوري رات محلي واسي خوف و حراس واري ماحول ۾ مبتلا رهيا، صبح سان حسين بخش لاشاري جا وارث ظاهر ٿيا ۽ سندس ڀاءَ پاران محلي واسين سان گڏجي لاش گهر مان ڪڍي ورتو ۽ کين 6 ڏينهن تي جنازه نماز ادا ڪرڻ بعد مڙه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.6 ڏينهن تائين خالي گهر مان لاش هٿ اچڻ واري معاملي جو پوليس جاچ نه ڪري سگهي ۽ نه ئي اهڙي واقعي جو ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو.جڏهن ته پوليس سان تازي صورتحال جي حوالي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اي سيڪشن ايس ايڇ او خليل احمد رند لنوائڻ لڳو ۽ موقف نه ڏنو ۽ پوليس جي بي حسي ڪري وارثن پاران لاش جي بغير پوسٽ مارٽم جي لاش کي دفنائي ڇڏيو ۽ پوليس پاران ڪابه تحقيقات يا محلي ۾ پڇاڳاڇا نه ڪئي.جڏهن ته 6 ڏينهن تائين لاش لاوارث حالت ۾ پيل هجڻ سبب لاش جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي.ان سلسلي ۾ پاڙيسرين جو چوڻ هو ته گذريل رات برداشت کان وڌيڪ بدبوع محلي ۾ ڦهلجي وئي جنهن بعد پوليس ۽ صحت کاتي جي ٽيم کي اطلاع ڪيوسين پر نه ئي پوليس پهتي ۽ نه ئي صحت کاتي جي ٽيم پهتي ۽ پوري رات لاش خالي گهر ۾ پيل رهيو ۽ پاڙيسري خوف و حراس ۾ مبتلا رهيا هن چيو ته گهر حسين بخش لاشاري جو آهي جيڪو گهر ۾ اڪيلو رهندو هو لاش به حسين بخش لاشاري جو هو .جڏهن ته خالي گهر مان مليل لاش جي پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ سبب موت جو ڪارڻ به معلوم نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي پوليس ڪو موقف ڏئي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.