ٻيهر چونڊن جا امڪان: پرويز الاهي جو به موقف اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي تي ٻيهر چونڊن جي امڪان کانپوءِ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي جو موقف به اچي ويو آهي.

اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وير جي اليڪشن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ حڪمت عملي جوڙينداسين، اپوزيشن پارٽين ۾ ڪا ڌڙيبندي ناهي.

ان کان اڳ چوڌري شجاعت حسين به امڪاني چونڊن جي صورت ۾ حمزا شهباز جي حمايت واري ڳالهه رد ڪري ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.