دادو ۾يوسي جي آزاد اميدوار طرفان ريلي

دادو (رپوٽ: عزيز احمد ملڪ)يوسي مخدوم بلاول تي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهندڙ يوسي چيئرمين فاروق احمد ملڪ وائيس چيئرمين  عبدالقيوم پنهور جي حمايت ۾ شهيد مخدوم بلاول جي رهواسين زبردست ريلي ڪڍي وئي جيڪا دادو تاج پيٽرول کان مخدوم بلاول جي درگاه تائين پهتي جتي مخدوم بلاول جي  عوام مٿن گلن جي ورکا ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته اليڪشن ۾ ساڻن مخدوم بلاول جي عوام گڏ هوندي. ۔ان موقعي تي خطاب ڪندي يوسي چيئرمين فاروق احمد  ملڪ ۽ وائيس چيئرمين عبدالقيوم پنهور يوسي صدر امام بخش پنهور  مخدوم بلاول جي عوام  جا ٿورا مڃيا ان موقعي يوسي چيئرمين فاروق احمد ملڪ چيو ته شهيد  مخدوم بلاول جي عوام جا ڪيترائي اهم بنيادي مسئلا آھن جيڪي انشاء الله ڪامياب ٿي حل ڪنداسين هن چيو ته مخدووم بلاول ۾ پڻ ترقياتي ڪمن جي سخت ضرورت آھي انشاء الله ڪامياب ٿي يوسي جي بجيٽ مان ترقياتي ڪم ڪرائينداسين هن چيو ته مخدوم بلاول جي عوام هميشه اسان جو ساٿ ڏنو آھي هن ڀيري انشاءَ الله ووٽن ۾ به ساٿ ڏيندي ۔ان موقعي تي سردار امام بخش پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.