ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو.
سنڌ ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان گهرو کاتي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي.
صوبائي گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۽ ننڍي چونڊ جي حوالي سان صوبي ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ هٿيار کڻي گهمڻ ۾ مڪمل پابندي هوندي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ٿيندي