گستاخاڻو بيان: زندگي کي خطري جو جواز ڄاڻائي بي جي پي اڳواڻ نوپور شرما پوليس وٽ پيش نه ٿي

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) گستاخاڻو بيان ڏيندڙ بي جي پي جي معطل اڳواڻ نوپور شرما موتمار ڌمڪين جو بهانو بڻائي اڄ به ڪولڪتا پوليس اڳيان پيش نه ٿي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب بي جي پي جي معطل ترجمان نوپور شرما نبي ڪريم صلعم بابت تڪراري بيان ڏيڻ تي مليل موتمار ڌمڪين سبب ڪولڪتا پوليس اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ وڌيڪ چئن هفتن جي واڌ جي درخواست ڪئي آهي.

واضح رهي ته نوپور شرما کي اڄ ڪولڪتا پوليس اڳيان پيش ٿيڻ جو چيو ويو هو.

جڏهن ته  ان کان اڳ چيو پئي ويو ته نوپور شرما گم ٿي وئي آهي، ممبئي پوليس جي هڪ ٽيم دهلي ۾ نوپور شرما کان پڇا ڳاڇا لاءِ موجود هئي پر هوءَ کين ملي نه سگهي.

ٻئي پاسي مهارشٽر جي گهرو وزارت جي ذريعن موجب ممبئي پوليس وٽ بي جي پي جي معطل اڳواڻ نوپور شرما کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪافي ثبوت موجود آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.