ڪوٽڙي ۾ آپگهات ڪندڙ نوجوان جي وارثن جو احتجاج، قتل ڪرڻ جو الزام

ڄامشورو(ڊر) چار ڏينهن اڳ ڪوٽڙي جي ڀٽائي ڪالوني واسي نوجوان رشيد گاڏهي پاران مبينا ريل گاڏي هيٺان اچي خودڪشي ڪرڻ وارو  معاملو، نوجوان جي وارثن پاران ڄامشورو شهر جي مک چوڪ کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي منصور گاڏهي، دلاور گاڏهي، روشن گاڏهي راشد گاڏهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته چار ڏينهن اڳ جوابدار اسان جي نوجوان رشيد گاڏهي کي قتل ڪري سندس لاش کي ريل گاڏي هيٺان رکي ويا هئا، سندس قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو هو، پر اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن مسلسل احتجاج ڪرڻ کانپوءِ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ٿيو آهي پر ايس ايڇ او ڪوٽڙي سائيٽ خير محمد ملاح ۽ ڊي ايس پي رياض ملڪ جوابدارن جي ڌر بڻيل آهن،  هن وقت هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿيو آهي،هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.