ڇا گهڻو وقت ويهي گذاريندڙ موتمار بيمارين کي دعوت ڏئي رهيا آهن؟ نئين تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق ۾ اهو پتو لڳايو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو اٺ ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ويهي گذاريندا آهن انهن کي دل جو دورو پوڻ ۽ فالج  ۾ مبتلا ٿيڻ جا وڌيڪ خطرا هوندا آهن.

تازي تحقيق ۾ ماهرن هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي ۾ هڪ لک فردن جو مطالعو ڪيو، تحقيق جي نتيجن ۾ دير تائين ويهي ڪم ڪرڻ وارن کي جسماني سرگرميون اختيار ڪرڻ جو چيوويو آهي.

تحقيق موجب جيڪي ماڻهو روزانو اٺ ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ويهندا آهن انهن کي دل جو دورو پوڻ ۽ فالج ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان ويهه سيڪڙو وڌيڪ هوندا آهن.

محققن دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ويهڻ وارو وقت گهٽائڻ۽ جسماني سرگرميون وڌائڻ سان فائديمند نتيجا نڪري سگهن ٿا.

تحقيق ۾ 21 ملڪن جي ماڻهن کي شامل ڪيو ويو جنهن جي سراسري عمر 50 ورهيه هئي. مطالعي ۾ انهن کي روزاني سرگرمين بابت سوال جواب ڪيا ويا.

محققن وري انهن فردن جي صحت جي رڪارڊ جو 11 سالن تائين جائزو ورتو.

تحقيق جي پڄاڻي تائين 6200 فوتگيون ٿيون، ان دوران 2300 دل جي دوري جا، 3000 فالج جا ۽ 700 دل بند ٿيڻ جي ڪيسز سامهون آيا، هار پر انهن ۾ سڀ هاڃيڪار نه هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.