گڊو ۾ گنگا ماتا رائيس مل مان چوري پوليس موٽائي ورتي

ڪشمور (ت ر) گڊو ٿاڻي جي حد گنگا ماتا رائيس مل مان ڪجهه ڏينهن اڳ ڀاڻ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٿيل چوري پوليس موٽائي ورتي.پوليس  موجب گنگا ماتا رائيس مل مان ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڀاڻ جون 187 ٻوريون چوري ڪيون ويون هيون، جيڪا واپس ڪرائي ورتي آهي. ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ھندو پنچائت وٽ پهچي ڀاڻ جي رقم جا 21 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٽريڪٽر ٽرالي رائيس مل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي.  ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهھ ڏينھن اڳ ونود ڪمار جي مل تان ٽريڪٽر ٽرالي ٻيو سامان چوري ٿي ويو، سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي چورن جو پتو لڳائي چورن تائين پهچي ڪجهه جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آئي ۽ انهن کان ٿيل چوري ريڪور ڪرائي ۽ گرفتار جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.