سڪرنڊ اسپتال ۾ ٻارڙو فوت، ڊاڪٽرتي غفلت جو الزام، ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ پيرپريل شاھ جي رھواسي منظور چانڊيو پنھنجي گھر واري کي ڊليوري لاء تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو  جتي ڊليوري دوران ٻارڙو مئل حالت ۾ ڄائو. ان بعد وارثن منظور چانڊيو ۔ عرس چانڊيو ۽ جمعت علماء اسلام ضلعي شھيد بينظيرآباد جي امير قاري عبدالقيوم چنا۔ تعلقه امير مفتي احسان الله موروجو۔ عبدالرشيد پرھياڙ۔ ايڊووڪيٽ ڪريم بخش رند۔ ارشاد احمد ڪلر۔ اظھاراحمد ۔ مولانا عبدالغفارچانڊيو۔ غلام حيدر مگسي ۔ ۽ ٻين اڳواڻن پاران تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي مين گيٽ آڏو سڪرنڊ نوابشاھ روڊ تي ٻارڙي جي لاش سان گڏ احتجاجي مظاھرو ڪري نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ۽ مٿين وارثن منظور چانڊيو چيو ته آئون پنھنجي گھر واري کي رات دير سان ڊليوري لاء تعلقه اسپتال کڻي آيس جتي ڪابه ڊاڪٽرياڻي ۽ نرس موجود نه ھئي اتي ڊليوري ڪندڙ داين ٻڌايو ته اسان ڊاڪٽرياڻي کي ٻڌايو آھي ۽ ڊاڪٽرياڻي اچي ٿي اسان کي آسرن ۾ رھايو ۽ سڄي رات منھنجي گھرواري تڙپندي رھي ۽ بعد ۾ داين ٻڌايو ته توھان جي گھرواري کي ٻارڙو مئل حالت ۾ ڄائو آھي ۽ ھنن جي لاپرواھي سبب ٻارڙو فوت ٿيو آھي ۔ فوت ٿيل معصوم ٻارڙي جي ڏاڏي زاھده چانڊيو معصوم ٻارڙي جو لاش ھٿن ۾ کڻي دانھون ڪندي چيو ته اسپتال عملي منھنجي نھن کي انجيڪشن ھنئي ۽ ان بعد منھنجو پوٽو مئل حالت ۾ ڄائو ھنن جي غفلت جي ڪري معصوم فوت ٿيو آھي مونسان انصاف ڪيو وڃي ۔  ٻئي طرف جي يو آء جي اڳواڻن چيو ته اسپتال جي عملي جي لاپرواھي سبب ھي واقعو پيش آيو آھي اڪثر ڪري ڊليوري لاء  ايندڙ مريضن کي نوابشاھ يا وري پرائيويٽ اسپتالن جو مشورو ڏيندا آھن. ، ٻئي طرف ايم ايس سڪرنڊ ڊاڪٽر نصيرميمڻ چيو ته واقعي تي افسوس ٿيو آھي ۽ داين پاران ھنن کي چيو ويو ھو ته ڊليوري لاء توھان نوابشاھ وڃو پر ھنن سستي ڪئي ۔ جيئن ته تعلقه اسپتال ۾ يارنھن ڊاڪٽرياڻين ۽ ڊاڪٽرن جون پوسٽون خالي پيل آھن ۽ ڪافي دفعا اسان سيڪريٽري ھيلٿ لکيو آھي پر ڪير به تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ ڊيوٽي ڏيڻ لاء تيار ناھي جڏھن ته صرف ڏينھن جو ٻه ڊاڪٽرياڻيون موجود آھن پر رات جو ڪابه ڊاڪٽرياڻي موجود ناھي ۽ جيڪي دايون آھن اھي پرائيويٽ آھن جيڪي سماجي طور ڪم ڪن ٿيون آئون مجبور آھيان لکي لکي ٿڪجي پيو آھيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.