ميهڙ: پوليس جي مبينا مقابلي کانپوءِ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ميهڙ پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته زخمي ڏوهاري جي وارثن مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موجب ٿرڙي محبت لڳ ٻٽ سرائي لاڙي وٽ ڏوهه جي ارداي سان بيٺل ٽولي پوليس کي ڏسندي فائرنگ ڪئي.

پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ حنيف عرف حنو کوس طور ٿي آهي، سندس قبضي مان هڪ پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن.

مقابلي کانپوءِ گرفتار ڪيل ڏوهاري مختلف وارداتن ۾ ملوث آهي، جنهن تي 11 کان وڌيڪ ڪيس پڻ داخل آهن.

ٻئي پاسي مبينا مقابلي کانپوءِ گرفتار ڪيل ڏوهاري حنيف کوسي جا وارث امڙ صدري، پيءُ غلام حسين ۽ ٻيا اطلاع ملڻ بعد تعلقا اسپتال پهتا.

هنن پوليس مقابلي کي رد ڪندي ٻڌايو ته پٽ بي گناهه آهي، ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او اصغر شاهه ۽ اهلڪار سوڍل سولنگي مخالفن جي چرچ تي گذريل ڏينهن حنيف کي هوٽل تان گرفتار ڪري کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو آهي.

هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس زيادتين جو نوٽيس وٺي پٽ کي معذور بڻائيندڙ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.