هڪ نئين وزيراعظم جي ڳولا ؟

تحرير: رفيق پٽيل

اها حقيقت عمومي طور تي سڀ تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته  پاڪستان ۾ بي اعتماديءَ جي ذريعي ايندڙ تبديلي کانپوءِ ملڪ ۾لڳاتار سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام آهي.پاڪستان جي ساک تي سٺو اثر نه پيو آهي نه ئي عوام کي ڪو رليف مليو آهي.بلڪه مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جو عذاب اچي ويو آهي،وزيراعظم  شهباز شريف جي تازي غير ملڪي  دوري دوران ڪجهه غير مسلم ملڪن وٽ  جنهن  امداد لاءِ درخواست ڏني وئي هئي اها هن وقت تائين نه ملي سگهي آهي. عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف وٽان اڃان تائين قرض نه مليو آهي.حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته تازو ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل جڏهن ڳالهين جي لاءِ دوحا ويو هو ته پاڪستاني عملدار ستن ستارن واري هوٽل ۾ رهيا هئا جڏهن ته آءِ ايم ايف جا عملدار ٽن ستارن واري هوٽل ۾ رهيل هئا.نئين حڪومت اچڻ سان عدليه ۽ دفاعي ادارن تي تنقيد ۾ اڳي کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي،معيشت جي صحت جو جائزو وٺندڙ عالمي ايجنسي پاڪستاني معيشيت کي منفي ريٽنگ ۾ شمار ڪري ورتو آهي.جنهن بعد ٻاهرين ملڪ کان ڪجهه گهرائڻ جي لاءِ اڳواٽ مڪمل ادائيگي ڪرڻي پوندي.ناڻي جي مٽا سٽا وارا ذخيرا لاڳيتو گهٽجي رهيا آهن.ملڪ آهستي آهستي ڏيوالپڻي طرف وڌي رهيو آهي،مسلم ليگ ن  پيپلزپارٽيءَ جا اڪثر مطالبا قبولڻ تي مجبور آهي،تيزي سان وڌندر حالتن جي انهي سنگيني ۽ مهانگائي جي ڪري حڪومت تي عوام جي ڪاوڙ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي مسلم ليگ ن  ۾ بي چيني آهي.پاڪستان ۾ ڪجهه مسلم ليگي حلقن جو خيال آهي ته مسلم ليگ ن جي ويجهو هن وقت ملڪ جو اصل وزيراعظم شهباز شريف نه آهي بلڪه عملي طور تي نوازشريف وزيراعظم آهي.ڇاڪاڻ جو مسلم ليگ ن جي اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي عهديدارن جي اڪثريت ان جي هدايتن کي اوليت ڏئي ٿي.تنهنڪري نوازشريف کي واپس گهرايو وڃي ۽ ان کي باقاعده وزيراعظم بڻايو وڃي.

هڙي طرح  پارٽي موثر انداز ۾ ڪم ڪندي۽ پيپلزپارٽي جو دٻاءَ پڻ گهٽجي ويندو اهڙي طريقيڪار تحت  نوازشريف ملڪ جي سمورن ادارن ۽ پيپلزپارٽي کانسواءِ باقي رهيل سياسي جماعتن تي پنهنجو اثر قائم ڪري وٺندو.مسلم ليگ ن جي تيزي سان ختم ٿيندڙ عوامي حمايت تي قابو پائي سگهبو. ان جي موجودگيءَ ۾ مولانا فضل الرحمان به وڌيڪ مطمئن هوندو، هن جي لاءِ ملڪ  جي صدر بڻجڻ جو رستو صاف ٿيندو.هڪ ٻي سوچ هي آهي ته چونڊن جي ذريعي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جي راهه به صاف ڪئي وڃي،ان جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي.چونڊن کي نظر ۾ رکندي ان مطابقت سان نگران حڪومت آندي وڃي.ان جي لاءِ به هڪ نئين وزيراعظم جي ڳولا هوندي ۽ اهو مسلم ليگ ن جي مرضي مطابق هجي.

 اڃان هڪ ٻي راءِ هيءَ آهي ته هن نظام کي هلڻ ڏنو وڃي ۽ پيپلزپارٽي جي ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ايندڙ سال آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرايون وڃن.پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين آصف علي زرداري جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته پنجاب جي سياست ۾ قدم ڄمائجي ۽ بلاول ڀٽو کي ايندڙ سال وزيراعظم بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي،ان سلسلي ۾ ابتدائي طور تي پي ٽي آِ جي صوبائي حڪومتن کي ڊاهڻ، پنجاب جي ڪجهه اهم اڳواڻن تي گرفت ۽ پيپلزپارٽي جي لاءِ ملڪ جي صدارت جو عهدو شامل آهي، هڪ اندازي موجب عالمي سطح تي بلاول ڀٽو کي گرين سگنل ملي ويو آهي.

ٻئي طرف مسلم ليگ جي قائد نوازشريف جي صاحبزادي مريم نواز پنهنجي سزا جي خاتمي ۽ نااهلي ختم ڪرائڻ جي لاءِ جلد کان جلد عدالتي ڪارروائي جي ذريعي پنهنجي حق ۾ فيصلو چاهي ٿي، جيڪڏهن ان کي ڪاميابي ملي ٿي وڃي ته اها ڪنهن به مسلم ليگي رڪن کي استعيفيٰ ڏياري سندس لاڳاپيل حلقي مان چونڊن ۾ حصو وٺي ڪري ڪامياب ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي ۾ اچي ويندي، ۽ نوازشريف جي جانشين جي طور تي پاڻ وزيراعظم بڻجي ويندي، يا غيراعلانيه وزيراعظم بڻجي ويندي ۽ نوازشريف جي واپسي جي راهه تيار ڪندي اهڙي صورتحال شهبازشريف کي پسند نه ايندي،جنهن ڪري هو هاڻي آهستي آهستي آصف زرداري جي وڌيڪ ويجهو اچي رهيو آهي،هو نوازشريف کي پڻ آماده ڪري رهيو آهي ته کيس سندس مرضي موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي،هن وقت تائين هو ان ڪوشش ۾ ڪامياب رهيو آهي.

 پيپلزپارٽي جي لاءَ اهم مسئلو متحده قومي موومينٽ جا مطالبا آهن،جنهن ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ جي شهري علائقن تي مڪمل ڪنٽرول  چاهي ٿي،يعني بلديات،پوليس،بلڊنگ ڪنٽرول ،ترقياتي ادارا،پاڻي جو نظام ايم ڪيو ايم جي ڪنٽرول ۾ رهي. ايندڙ چونڊن ۾ اهي قومي جون ويهه ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون پنجيتاليهه سيٽون امڪاني طور تي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي جيڪڏهن ان سلسلي ۾ پردي پٺيان معاملا طئي ٿي وڃن ٿا ته پيپلزپارتي جي رضامندي سان متحده قومي موومينٽ پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهي ٿي،جيڪا هنن وٽ هڪ وڏي ڪاميابي هوندي.جيڪڏهن پيپلزپارٽي متحده کي گهڻي اهميت ڏئي ٿي ته ان جي پنهنجي تنظيم تي ڪافي منفي اثر پوندا،گهٽ ۾ گهٽ ماضي جو تجربو ته اهو ئي ٻڌائي ٿو،اڄوڪين حالتن ۾ جنهن مان پاڪستان گذري رهيو آهي، ان جو ڪو حل نه ڪڍيو ويو ته پهرئين مرحلي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام ٿيندو. ٻئي ۾ فساد ن جي باهه ڀڙڪندي، افغانستان به ان ۾ دخل ڏئي سگهي ٿو.گذريل ٻن مهينن ۾ ٿيندڙ خراب صنعتي ڪاروبار ۽ صنعتڪاري تي منفي اثر پئجي رهيا آهن.

ملڪ جي هڪ مشهور تجزئي ڪندڙ پنهنجي ٽي وي شو ۾ ٻڌايو ته مهانگي بجلي ،گيس پيٽرول جي ڪري صنعتون ۽ سرمائيدار ٻاهرئين ملڪ منتقل ٿيندا. دنيا جا ٻيا ملڪ سرمائيدارن کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن.اهڙي طرح اعليٰ تعليم يافته ۽ هنر مند شهري پڻ ٻاهر هليا ويندا. پاڪستان ۾ اڳي کان سرماياڪاري جو ماحول بهتر نه آهي، هر دفتر ۾ رڪاوٽ آهي، ٻاهرين ملڪ کان ايندڙن کي ِ ڪيترن  ئي مرحلن ۽ رڪاوٽن مان گذرڻو پوندو آهي،هاڻي اهو سلسلو وڌندو موجوده حڪومت جو مدو جيڪڏهن ڊگهو ٿيو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون پاڪستان جي سياسي جماعتن کي ان ڳالهه جو ادارڪ ناهي، ته هن وقت ملڪ جي ضرورت هڪ اهڙو سمجهوتو آهي جنهن سان ملڪ استحڪام جي طرف وڌي پر سياسي جماعتون ڪمزور آهن،۽ اهي هر وقت طاقتور ادارن جو سهارو ڳولين ٿيون.

 جيتوڻيڪ هن وقت موجوده وزيراعظم شهباز شريف  گرانڊ ڊائيلاگ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، پر ڪنهن سمجهوتي ۽ قرباني جي لاءِ تيار نه آهي،هو ان ڳالهه جو اندازو نه پيو ڪري ته هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مهانگائي وڌي رهي آهي،جنهنڪري هر سطح تي عوام جي پريشانيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.حڪمران جماعتون عوامي حمايت کان محروم ٿي رهيون  آهن ملڪ کان ٻاهر ڪو هنن تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي،حالتن جي خرابي جي ڪري ڪو عوامي طوفان اٿي پيو ته نتيجو تمام وڏن فسادن جي صورت ۾ اچي سگهي ٿو. خطي جي نازڪ صورتحال جي ڪري هيءَ باهه ٻين ملڪن تائين وڃي سگهي ٿي، سوال هي آهي ته پاڪستان جي قيادت کي هن خطي ۾  جنم وٺندڙ خطرن جو اندازو آهي يا نه آهي، يا ته وري اها هن معاملي کي نظرانداز ڪري رهي آهي،يا اها سمجهي ٿي ته اها ڪا معمولي ڳالهه آهي،ان سان عوام متاثر ٿيندو قيادت پاڻ نه ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.