ڄامشوري ۾ شهرين پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ احتجاجي خلاف ريلي، ڌرڻو

ڄامشوري ۾ شهرين پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

شهرين ديدار احمد ڀلائي، شاهنواز برهماڻي، زاهد ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ جي نااهلي جي ڪري هڪ هفتي کان شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي.

هنن چيو ته فراهمي بند هجڻ ڪري قهر جهڙيءَ گرمي ۾ گھرن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتن پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن، ڊي سي ڄامشورو معاملي جو نوٽيس وٺي فراهمي يقيني بڻائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.