ڪراچي ۾جهيڙا، نوجوان مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ جھيڙن دوران  هڪ ڄڻو قتل ۽  2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پاڪ ڪالوني ٿاڻي جي حد شيرين بيڪري ڀرسان جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 22 سالن جو نوجوان حذيفا پٽ حاجي غلام نبي مارجي ويو.پوليس موجب مقتول جو لاش ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.هوڏانهن پي آءِ بي ڪالوني مين بازار ۾ جھيڙي دوران جاويد اختر پٽ محمد حسين ۽ ڪامران پٽڙ ارشد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.