پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي تاريخ تبديل

اسلام آباد(م ڊ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي ۽ گڏيل اجلاس هاڻي 7 جون بدران 9 جون تي ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب مجلس شوريٰ جي 7 جون 2022ع تي ٿيندڙ گڏيل اجلاس جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي. گڏيل اجلاس جي تاريخ ۾ تبديلي جو خط قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سمورن پارليامينٽ ميمبرن کي موڪلي ڇڏيو. مجلس شوريٰ پارليامينٽ جو اجلاس 7 جون 2022ع تي ٽپهر 4 وڳي بدران هاڻي 9 جون 2022ع تي ٽپهر 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف مجلس شوريٰ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي تاريخ ۾ تبديلي قومي اسيمبلي جي قاعدن 1973ع جي قاعدي 4 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.