عورتن جي حفاظت لاءِ ”سفر سهيلي“ جي نالي سان ايپ تيار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي عورتن لاءِ ”سفر سهيلي“ جي نالي سان موبائل ايپ تيار ڪري ورتي ۽ اختياريون 6 جون تي ان ايپ جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏينديون.

ريلوي اختيارين عورتن جو سفر محفوظ بڻائڻ لاءِ ”سفر سهيلي“ جي نالي سان موبائل ايپ تيار ڪئي آهي.

ذريعن موجب عورتن جي حفاظت لاءِ ريلن ۾ ايمرجنسي بٽڻ به لڳايا ويندا، جڏهن ته ريلوي اسٽيشنز تي عورتن لاءِ آگاهي پروگرام به شروع ڪيا ويندا.

واضح رهي ته گذريل هفتي زڪريا ايڪسپريس ۾ سفر دوران ٽرين عملي طرفان عورت کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.