پ پ پاران ڏوڪري تعلقي تي اميدوارن جون ٽڪيٽون جاري

ڏوڪري ( ن ع آ) ڏوڪري ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ نامزد ٿيل اميدوارن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت طرفان ٽڪيٽون ڏنيون ويون. پاڪستان پيپلزپارٽي جي ليڊيز ونگ مرڪزي صدر ايم پي اي ميڊم فريال ٽالپر،  صوبائي صدر نثار احمد کهڙو، ضلعي لاڙڪاڻي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو پاران ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسلز ۽ ٽائونز جي نامزد اميدوارن ۾ ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن ان ڏس ۾ ڏوڪري ٽائون ۾ وارڊ نمبر 1 محمد اعظم سومرو، وارڊ نمبر 2 بشير احمد ٿهيم، وارڊ نمبر 3 فياض حسين جوڻيجو، وارڊ نمبر 4 فدا حسين گاڏهي، وارڊ نمبر 5 قاضي جميل احمد جوڻيجو، يونين ڪائونسل ڪاراڻي ۾ غلام مرتضي خان ٻگهيو، چيئرمين ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، وائس چيئرمين حامد ٻٽ، وارڊ نمبر 1 محمد اياز ڪسر، وارڊ نمبر 2 مشتاق حسين ٻگهيو، وارڊ نمبر 3 نظير احمد ٻگهيو، وارڊ نمبر 4 تي ڪريم بخش چنو، يونين ڪائونسل چڪرو ۾ ضلعي ميمبر سردار علي ڏنو خان گاڏهي، چيئرمين نياز حسين گاڏهي، وائيس چيئرمين محمد صالح آريجو، يونين ڪائونسل دڙا ۾ ضلعي ميمبر عبدالرحمان ساريو، چيئرمين ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو، وائيس چيئرمين وسيم مسڻ، وارڊ نمبر 1 افضل ميراڻي، وارڊ 2 محرم علي ساريو، وارڊ 3 سيد مهدي شاھ، وارڊ 4 حافظ عبدالقدير، يونين ڪائونسل ٽاٽڙي ۾ ضلعي ميمبر مولا بخش ڪانڌڙو، چيئرمين حاجي بشير احمد گاڏهي، وائيس چيئرمين ڪرم داد ٽاٽڙي، وارڊ نمبر 1 اظهر شاهاڻي، وارڊ نمبر 2 امير علي جوڻيجو، وارڊ نمبر 4 محمد جمن گاڏهي، يونين ڪائونسل وڏي وهڻي ۾ ضلعي ميمبر عبدالرشید بروهي، چيئرمين محمد علي راڄپر، وائيس چيئرمين اقبال جوڻيجو، وارڊ نمبر 1 غلام مرتضي جت، وارڊ نمبر 2 عاشق علي ٻگهيو، وارڊ 3 علي رضا جهتيال، وارڊ 4 محمد موسي چانڊيو، يونين ڪائونسل وڪڙو ضلعي ميمبر پير بخش جوڻيجو، چيئرمين شڪيل احمد سولنگي، وائيس چيئرمين عامر علي ڏيرو، وارڊ نمبر 1 صدام ڏيرو، وارڊ نمبر 2 نصير احمد جوڻيجو، وارڊ نمبر 3 ارباب علي جوڳي، وارڊ نمبر 4 نواب علي چنو، يونين ڪائونسل ڳجهڙ ضلعي ميمبر وڏيرو شمن خان جوڻيجو، چيئرمين پير بخش هليو، وائيس چيئرمين الھ وسايو کوکر، وارڊ نمبر 1 سرائي لياقت جروار، وارڊ نمبر 2 گلشن کوکر، وارڊ نمبر 3 محمد لائق جوڻيجو، وارڊ نمبر 4 عبدالغفور جوڻيجو، يونين ڪائونسل سيهڙ ضلعي ميمبر غلام مصطفي سهيڙ، چيئرمين صدام حسين سرگاڻي، وائيس چيئرمين شاھ محمد جوڻيجو ۽ ٻين اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوارن غلام مرتضي خان ٻگهيو، علي ڏنو خان گاڏهي، قاضي جميل احمد جوڻيجو، بشير احمد گاڏهي، ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، محمد علي راڄپر، ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو، شڪيل احمد سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جا شڪر گذار آهيون جو اسان تي اعتماد ڪندي بلدياتي اليڪشن ۾ نامزد ڪري ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن. هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي ملڪ جو عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت سان ٻيحد محبت ڪري ٿو. هنن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوارن وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندا.

  • مومل جي ماڙي جي يوسي ٻيرڙي ۾ مڪاني چونڊن حوالي سان سرگرميون تيز

گهوٽڪي ( ڊ ر ) بلدياتي اليڪشن ويجهو ايندي مومل جي ماڙي جي يوسي ٻيرڙي ۾ سرگرميون تيز ٿي ويو , بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان مومل جي ماڙي اندر ڀٽا برادري جو هڪ اهم اجلاس ڀٽا برادري جي معزز عبدالوحيد ڀٽو , مولانا عبدالفتاح ڀٽو ۽ سراج احمد ڀٽو جي صدارت ۾ ٿي گذريو , اجلاس ۾ ڀٽا برادري جي  معزز ۽ نوجوانن يونس ڀٽو ,  محمد هارف ڀٽو , عبدالڪريم ڀٽو , ثناء الله ڀٽو , محمد يوسف ڀٽو , نذير احمد ڀٽو , غلام مصطفئ ڀٽو , امان الله ڀٽو , غلام مرتظئ ڀٽو , خوشي محمد ڀٽو , سجاد احمد ڀٽو , عبدالواجد ڀٽو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. , ان موقعي تي ڀٽا برادري جي سڀني اڳواڻن يوسي ٻيرڙي جي وارڊ نمبر تي جنرل ڪائونسلر جي آزاد اميدوار محمد يونس ڀٽو جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي پوري وارڊ اندر ورڪ تيز ڪرڻ جو وچن ڪيو.

  • نيو سعيد آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ سرگرميون شروع

نيو سعيد آباد (ن ع آ)نيوسعيد آباد تعلقي ۾ بلدياتي چونڊين جي اعلان کان پو۽ چونڊين جوسرگرميون شروع نيوسعيداباد تعلقي جي وڏي ۾ وڏي يوسي 8جي اڳرو راهو جي تعلقي جي معزز شخصيت حاميد راهو مولابخش راھو عبد الوارٽ راهو نظام راهو عبدل الحفيظ راهو ممتاز راهو ياسين راهو وڏيرو دلبر راهو  حاجي جواڻ راهو مشتاق احمد راھو رحيم راهو ذوالفقار راھو جي اڳواڻي ۾ نيوسعيداباد تعلقي جي يارهن ڳوٺن ڳوٺ آڳرو راهو  ڳوٺ عثمان راهو ڳوٺ گلاب راهو ڳوٺ دائم راهو ڳوٺ پريو راهو ڳوٺ لطف راهو ڳوٺ الهورايو راهو ڳوٺ اڇي مسجدراهو ڳوٺ سجاول راهو ڳوٺ عبد الرحيم راهو  يارهن ڳوٺن جي معزز شخصيتن جي شرڪت اجلاس ڳوٺ اڳرو راهو م علي حسن جي بنگلي تي گهرايو ويو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا  جنهن ۾ چيو ويو ته  اليڪشن  ۾ اميدوارن جون  ٽڪيٽون هميشه وڏن هائوسن تي   ويهي لڪ ڇپ ۾ من پسند ماڻهن کي ڏنيون وڄن ٿيون اصل ووٽرن ۽ يوسي مالڪن کان ڳجه ۾ پارٽي ٽڪيٽون   ورهائڻ ھاڻ برداش نه ڪنداسين اسان هميشه پيپلز پارٽي کي سپوٽ ڪري هميشه پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو اهي پر افسو س سان چوڻو ٿو پوي اسان جي راهو برادري کي ترقياتي ڪمن م مڪمل نظر اندز ڪيو ويو  هن يوسي ۾ راهو برادري جو 3500 کان مٿي ووٽ آهي پر اسان جي يوسي ۾ 25 سالن کان مٿي عرصو ٿي گزريواهي پر اسان وٽ نه روڊ جي سهولت اهي نئي گيس جي سهولت نه وري ڪا اسپتال جي سهولت اهي ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي ڪري اسان يوسي 8 جي 11 ڳوٺن جي معزز شخصتين جو اجلاس گهرائي اهم فيصلا ڪيا ويا جيڪي جلد يوسي 8 تي چئيرمين وائيس چئيرمين جي جلد فارم ڀرائي اميد وارن کي  ڪامياب ڪرائي انشا الله يوسي 8 جي عوام جي خدمت ڪنداسين.

  • مڪاني چونڊن ۾ ڪارڪردگي تي ڪاميابي ماڻبي: زيب النساءَ ملاح

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي حيدرآباد ٻهراڙي جي صدر ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 70 جي چيئرمين جي اميدوار زيب النساءِ ملاح چيو آهي ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ يونين ڪميٽي 70 تي پارٽي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪاميابي ماڻيندي. پيپلز پارٽي حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل پارٽي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن پارٽي اعتماد ڪندي ٽڪيٽ ڏني ته پارٽي جي اميدن تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنديس. هن چيو ته يونين ڪميٽي جي سڀني برادرين کي اعتماد ۾ وٺي گڏيل طور اليڪشن مهم هلائي ويندي. هن چيو ته پارٽي جو پيغام گهر گهر پهچايو ويندو. مرد به اسانجا ڀائر آهن پر هڪ ڀيرو عورت کي موقعو ڏنو وڃي ته جيئن عورتون به سماج ۽ راڄن جي سڌاري ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري سگهن.17

  • اڏيرو لال : يوسي محمد حسين هنڱورو جي اميدوارن جي نالن جو اعلان

اڏيرو لال اسٽيشن(ن ع آ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ايم پي اي مٽياري مخدوم رفيق الزمان طرفان ، بلدياتي  چونڊن جي حوالي يونين ڪائونسل محمد حسين هنڱورو جي اميدوارن جي نالن جو  اعلان. ضلعي ڪائونسل جي لاءِ شاهد حسين هنڱورو ، يونين ڪائونسل  جي چيئرمين لاءِ ذوالفقار هنڱورو ۽ وائيس چيئرمين عبدالمجيد خاصخيلي کي  نامزد ڪيو ويو آهي  ان موقعي تي اميدوارن جو چوڻ اهو ته اسان ايم پي ڊاڪٽر مخدوم الرفيق الزمان جن جا ٿورائتا آهيون جن اسان تي اعتماد ڪيو آهي انشاالله اسان ڪامياب ٿي بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين ۽ عوام جو اعتماد برقرار رکي علائقي جي بهتري لاءِ ڪم ڪنداسين.

  • مڪاني چونڊون، گمبٽ تي ف ليگ اميدوار جي داخل پٽيشن خارج

گمبٽ (ن.ع.آ) مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ جي 13 وارڊن تي ڪائونسلر لاءِ نامزدگي فارم بحال ٿيڻ بعد اڳوڻي ميونسپل چيئرمين ۽ ف ليگ جي اميدوار خالد حسين شيخ پنھنجي سياسي مخالف پ پ پ اميدوار ۽ متوقع چيئرمين اميدوار حاجي عبداللطيف شيخ سميت اميدوارن عبدالغفار شيخ، سرفراز ميمڻ، امجد شيخ، شمس الدين شيخ، مکي وجئہ ڪمار، ظھير ٿيٻو ۽ ٻين جا فارم بحال ٿيڻ خلاف سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ اعتراضن واري پٽيشن داخل ڪرائي ھئي. عدالت سڳوري اعتراضن واري اھڙي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اعتراضن واري درخواست خارج ٿيڻ تي گمبٽ ۾ سنڌ ھائوس تي پ پ جيالن جھمريون ھنيون ۽ مٽائي تقسيم ڪئي.

  • يوسي ڊرٻ ميهر شاهه  جوآزاد اميدوار پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

گمبٽ (ن ع آ )مڪاني چونڊ جي حوالي سان سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن ان سلسلي پيپلزپارٽي سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري اڳوڻي ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني پ پ جي  صوبائي اڳواڻ سيد فهد شاھ جيلاني ڊرٻ ميهر شاھ يونين ڪائونسل جي پيپلزپارٽي اميدوارن سان گڏجي گمبٽ سڄڻ هائوس پهتا ان موقعي تي پيپلزپارٽي گمبٽ جي سينئر نائب صدر فوجي عبداللطيف ناريجو پيپلزپارٽي سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني. ايم پي اي نعيم احمد کرل ۽ سيد فهد شاھ جيلاني جن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ڊرٻ ميهر شاھ يونين ڪائونسل جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر لاءِ بيٺل آزاد اميدوار سندس ڀائيٽي معشوق ناريجو جي موجودگي ۾ پ پ اميدوار غلام قاسم اڄڻ جي حق ۾ هٿ کڻڻ ۽ مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني ۽ سيد فهد علي شاهه جيلاني فوجي عبداللطيف ناريجو ۽ آزاد اميدوار معشوق علي ناريجو جا ٿورا مڃيندي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ سکر ڊويزن ۾ پيپلزپارٽي جا نامزد ٿيل اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندا ۽ غريب عوام جي خدمت ڪندا. پيپلزپارٽي واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ان موقعي تي استاد نصير احمد ناريجو. محمد عمر ناريجو. حاجي شمس الدين لاشاري. پيپلزهاري ڪاميٽي تعلقي ڪنگري جي صدر دين محمد اڄڻ. غلام قاسم اڄڻ. صوفي امير بخش اڄڻ. مير محمد اڄڻ. قاضي عمران احمد. شاهد علي اڄڻ. عبداللطيف ناريجو. محمد علي اڄڻ پڻ موجود هئا.

  • يونين ڪائونسل راضديرو تي جي ڊي اي اڳواڻ پ پ ۾ شامل

رپڙي (ن ع آ) رپڙي ۾ چونڊ سرگرميون زور وٺي ويون ,يونين ڪائونسل راضيديرو ڪچو جي جي ڊي اي جي اھم وڪيٽ ڪري پئي ,جي ڊي اي جي چئيرمين  جي مضبوط اميدوار امداد علي ناريجو پ پ پ تعلقا گمبٽ جي سينئر نائب صدرحاجي عبداللطيف ناريجو جي ھٿ تي پ پ پ جي طرفان نامزد ٿيل يونين ڪائونسل راضيديرو ڪچو جي چيئرمين جي اميدوار الھڏتو سيال جي حق ۾ ھٿ کنيو ,ناريجا برادري جا ڪيترائي معزز پنهنجي برادري سميت پ پ پ ۾ شامل ٿي ويا ,پ پ پ تعلقا گمبٽ جي سينئرنائب صدر حاجي عبداللطيف ناريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي پ پ پ ايم پي اي محترم نعيم احمد کرل صاحب جي حڪم تي پھتو آھيان ۽ پنهنجي برادري جي معزز شخصيت وڏيرو حسين بخش ناريجو, حاجي غلام قادر ناريجو ,منظور احمد ناريجو ,امداد علي ناريجو,فوجي زاھد حسين ناريجو ,بشيرعلي ناريجو بخت علي ناريجو ۽ محبت علي ناريجو جو تمام گهڻو  شڪرگذار آھيان جن اعتماد ڪندي پ پ پ ۾ شموليت ڪئي منظور احمد ناريجو ,امداد علي ناريجو ۽  فوجي زاھد حسين ناريجو چيو ته سڄي زندگي جي ڊي اي ۾ رھياسين ھاڻي اسان جو جئيڻ مرڻ پيپلز پارٽي سان ھوندو پ پ پ عوامي پارٽي آهي جيڪا  غريب عوام جي مسئلن جو حل آهي انشاالله پوري سنڌ ۾ پ پ پ جا ئي اميدوار ڪامياب ٿيندا,پ پ پ يونين ڪائونسل راضيديرو ڪچو جي نامزد اميدوار الھڏتو سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا ذميواري ڏني آهي انشاالله ڪامياب ٿئي ڪري پارٽي پاليسي تي پورو لھندس ۽ عوام جي خدمت ڪندس .

  • پني عاقل ۾ جي يو آءِ پاران 110 اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون  ويون

پنوعاقل؛(ن ع آ ))جي يو آءِ تعلقي پنوعاقل پاران 16 يوسين ۽ شھر جي 16 وارڊن جي 110 اميدوارن کي حلف کڻائي ٽڪيٽون ڏنيو ويون ،تعلقه امير مولانا غلام الله ھاليجوي جي سڏ تي 16 يوسين ۽ 16 وارڊن جي اميدوارن مفتي طاھر ھاليجوي،،ميان فضل الله سومرو،عبدالڪريم مھر،ميان رشد الله انڍڙ،عبدالستار قاضي،سيف اللھ سمائر،لعل محمد انڍڙ،عبدالرزاق ڪلھوڙو،محمد طاھر انڍڙ،امجد ڪلوڙ،علي محمد ملاڻو،فقير رياض ڪلھوڙو،فضل الرحمان جتوئي،الھجڙيو ڪلھوڙو،نظير گوپانگ،ممتاز چاچڙ،اصغر سومرو،فرحان ڀٽو،نديم ڪلھوڙو، سميت چئيرمين ،وائيس چئيرمين،ضلعي ميمبر،يوسي ميمبر ۽ 3 اقليت جي پنڃا رام،گنشام داس،پئيلاج مل سميت 110 اميدوارن کي جي يو آءِ سکر جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍڙ حلف کڻائي پارٽي پاران ٽڪيٽ ڏني وئي،ان ڏس ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان جو مقصد بي پھچ مظلوم ماڻھون جي مدد ڪرڻ سان گڏ بنا فرق جي انسانيت جي خدمت ڪرڻ آھي،اڳواڻن چيو ته اليڪشن دوران پنوعاقل ۾ اسان جا جماعتي اڳواڻ راشد محمود سومرو،ميان عبدالجبار بائيجوي،سيد سراج احمد شاھ امروٽي،عبداللھ پھوڙو سميت ڪيترائي عالم ۽ سردار علي اڪبر خان ڪلھوڙو،ايم پي اي معظم خان عباسي ۽ ٻيا برادري اڳواڻ ورڪ ڪندا

  • مقصودي ۾چونڊ سرگرميون عروج تي پهتل

مقصودو رند(ن ع آ) بلدياتي اليڪشن جون سرگرميون عروج تي پهتل، قاسم آباد جي علائقي ماروري ٽائون ۽ سمن آباد جي مين چوڪ تي  يوسي 157 جي چيئر مين جي اميدوار ظاهر علي جوڻيجو ۽ سندس پينل جي مان ۾ هڪ پروقار گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. امتياز علي ڪلهوڙو،وقار ٻٻر،زيشان سيال، نظيرڏيپر، علي مري، ۽ ٻين پاران ڏنل آجياڻي ۾ عوام جي ڀرپور شرڪت سبب گڏجاڻي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، پنڊال جئي ڀٽو جي نعرن سان گونجي اٿيو، ان موقعي تي چيئريمين جي اميدوار ظاهر علي جوڻيجو،الله ورايو ڳاهو،شهاب کوکر، وڏيرو محمد عارب ڳاهو، سعيد ميمڻ ۽ لطف علي جوڻيجو چيو ته اڄ يوسي 157 جي عوام ثابت ڪيو آهي ته هو پاڪستان پپلز پارٽي سان گڏ بيٺل آهي.جڏهن ته پروڪار گڏجاڻي ۾محمد علي شيخ،محمد خان لغاري،شوڪت لانگاهه،نصير ٻٻر،شعيب پٺاڻ،بابل ڊومڪي، شهباز جهتيال،پنهل انصاري،اشرف چنا،شيرازڪلهوڙو،سڪندرانصاري،بلاول انصاري ساقب سومرو،غلام مرتضا کوکر سميت علائيقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

  • گهوٽڪي: جي يو آءِ ف ۽ مهر گروپ ۾ مڪاني چونڊن حوالي سان اتحاد

گھوٽڪي( ڊ ر )جميعت علماءِ اسلام (ف) ۽ مهر گروپ وچ ۾ ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي جي چوڏنهن وارڊز تي بلدياتي چونڊن جي  حوالي سان اتحاد ٿي ويو جنهن جو باضابطه طور اعلان ڪيو ويو. گيلاني ھائوس انورآباد تي جميعت علماء اسلام ضلع گھوٽڪي ۽ تعلقه گهوٽڪي جي قيادت جي آمد، جميعت علماءِ اسلام ۽ مهر گروپ قيادت ۾ ڪامياب ڳالهيون ٿي گذريون جنهن جو گڏيل طور تي پريس بيان جاري ڪيو ويو.  جميعت علماءِ اسلام جي قيادت ضلعي گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد قاسم کھاوڙ، تعلقه گهوٽڪي جي امير حافظ سراج احمد چنه، ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي جي وارڊ نمبر پهرئين تي جميعت علماءِ اسلام جي اميدوار مولوي سيف الله چاچڙ، حافظ غلام مصطفي کھاوڙ ۽  قاري عطاء الرحمن تي مشتمل وفد ڪئي ٻئي طرف مهر گروپ جي طرفان سيد اصغر علي شاه گيلاني، سيٺ اشوڪ ڪمار هيمراجاڻي، راڻا مشتاق علي، ظفرالهدي صديقي، سيد ماجد علي شاه، چودري فيضان آرائين ۽ رضا محمد ميراڻي تي مشتمل وفد باضابطه ڳالهين ۾ شريڪ ٿيو. جميعت علماء اسلام ۽ مهر گروپ طرفان گڏيل طور تي اهو طئي ڪيو ويو گهوٽڪي ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي جي حد اندر چوڏنهن وارڊز تي هڪٻئي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪجي ٿو جنهن موجب جميعت علماء اسلام ۽ مهر گروپ ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي ۾ بيٺل مشترڪه اميدوارن کي هڪٻئي جي مدد سان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندا.

  • مڪاني چونڊن ۾ پ پ جتي ڪٿي ڪلين سوئيپ ڪندي: بلند جوڻيجو

راڌڻ (ن ع آ)پ پ ايم ين اي خوشيد احمد جوڻيجو جي فرزند بلند خان جوڻيجو پاران سيھڙ اسٽيشن سامٽيا جھتيال ٽاٽڙي شھر جي سميت مختلف ڳوٺن ۾ پھچي وڇڙي ويل پنهنجي پيارن جي پوئيرن سان تعزيتون ڪيون ان موقعي تي پ پ عوامي پارٽي  آهي پ پ عوام کي روزگار ڏنو آهي نيازي سرڪار جي حڪومت مڪمل ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ويو آهي پيٽرول اگھن ۾ واڌ به انھن جو نتيجو آهي جڏهن ته ايندڙ بلديات اليڪشن  ۾ پ پ جتي ڪٿي ڪلين سوئيپ ڪندي پ پ جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا يوسي سيھڙ  پ پ جي چئيرمين شپ جي اميدوار صدام علي سرگاڻي  ۽جي چانھ پارٽي سيھڙ وليج جي ۾ ڊاڪٽر  منظور علي ڪانڌڙو  ۽ سابقا چئيرميـن يوسي سيھڙ محمد اسماعيل چانڊيو  جي چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي جڏهن تي پ پ اڳواڻ بلند خان جوڻيجو سان طارق علي جوڻيجو ۽ ٻيا گڏ هئا.

  • گهوٽڪي جي معزز پاران پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ڇڏيو

گهوٽڪي( ڊ ر ) گهوٽڪي جي سيد برادري جي معزز ۽ پ پ اڳواڻ سردار احمد علي خان جي ويجهي ساٿي پاران پ پ اميدوار جي حق  ۾ هٿ کڻي ڇڏيو , گهوٽڪي جي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 7 تي جنرل ڪائونسلر لاءِ فارم ڀرائيندڙ سيد برادري جي معزز ۽ سردار احمد علي خان مهر جي ويجهي ساٿي  سيد مير محمد شاھ جيلاني پنهنجي رهائش گاھ تي پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته مان گهوٽڪي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 7 تي پ پ طرفان جنرل ڪائونسلر لاء فارم  ڀرايو , جڏهن ته ساڳي وارڊ تي پ پ جي صوبائي وزير ڄام اڪرام خان ڌاريجو جو ڀاڻيجو پڻ فارم ڀرايو آهي . , هاڻ مان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سردار احمد علي خان مهر جي چوڻ تي مان ڄام آصف خان ڌاريجو جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيا ٿو , هن چيو ته انشاء الله سردار احمد علي خان ۽ ڄام آصف خان ڌاريجو گهوٽڪي جي ترقي لاء ڀرپور نموني جاکوڙيندا.

  • ڏهرڪي ۾ چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ اميدوارن ڊڪ ڊوڙ تيز ڪري ڇڏي

ڏهرڪي (ت ر)ڏهرڪي ۾ مڪاني چونڊون ويجهو ايندي چونڊون ۾ ڪاميابي لاءِ اميدوار ڊڪ ڊوڙ تيز ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾  پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ايم اين اي سردار  خالد احمد خان لنڊ جي ڊي اي جي پير ميان عبدالمالڪ عرف مجن سائين سان ملاقات ڪري چونڊ اتحاد بابت ڳالهيون ڪيون . ان کانسواء هن پيپلز پارٽي جي فوت ٿي ويل وڪيل الطاف چغتائي جي پٽ سان عذرخواهي ڪئي . هوڏانهن وارڊ نمبر 12 تي ستپ اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو ميان عبدالسميع محلي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪئي آهي جڏهن ته آزاد اميدوار ميان شفيق احمد جو وارڊ نمبر 9 تي فارم رد ٿي ويو آهي جنهن سومر تي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل دائر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي هوڏانهن  ٽائون جي وارڊ نمبر 6 جي آزاد اميدوار ڊاڪٽر ڪانڃي رام ميگهواڙ پ پ اميدوار ڄام زاھد خان ڏھر سان ملاقات ڪري سندس حمايت ۾ چونڊون تان دسبردار ٿيڻ جو اعلان ڪندي پنهنجي برادري سميت پ پ اميدوار ڄام زاهد ڏهر جي چونڊون ۾ کيس ڀرپور نموني حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ان موقعي تي پ پ اميدوار جي حق ۾ دسبردار ٿيڻ جو اعلان ڪندڙ ڊاڪٽر ڪانڃي رام چيو ته پ پ هميشه اقليتي برادري جي حقن جو خيال ڪيو آهي جنهن بعد پ پ پاران وارڊ تي نامزه ڪيل اميدوار ڄام زاهد خان ڏهر جي حق ۾ مان اليڪشن تان دسبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري پنهنجي برادري سميت کيس مڪمل طور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو ان موقعي تي ڄام زاهد خان ڏهر چيو ته ڏهر خاندان هميشه شهر واسين جي ڀلائي لاءِ سياست ڪئي آهي جنهن جا شهر واسي پاڻ گواه آهن هن چيو ته مان صوبائي وزير عبدالباري پتافي ۽ پ پ ايم اين اي سردار خالد احمد خان لنڊ جو نهايت شڪر گذار آهيان جن مون کي ٽائون جي وارڊ 6 لاءِ پ پ جي ٽڪيٽ لاءِ اميدوار نامزه ڪيو آهي.

 

  • جيڪب آباد ۾جي يو آءِ اميدوارن سان انتقامي ڪارروائين خلاف احتجاج

جيڪب آباد( رپورٽ سڪندر علي سرڪي ) جي يو آء جي اميدوارن سان انتقامي ڪارروائيون بند ڪريو جي يو آء پاران ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي مظاهرو، نعرو، خبر موجب جمعيّت علماء اسلام جي مڪاني چونڊن ۾ اميدوارن جي خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪرڻ خلاف جي يو آء پاران هڪ احتجاجي مظاهرو ضلع امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ،مولانا عبدالجبار رند،نائب چیئرمین جي اميدوار خالد چنا. ڪونسلرن جي اميدوارن ميان فضل الله. ماستر محمد ابراهيم ۽ٻين جي اڳواڻي م ڀٽي اسٽاپ ڌرڻو هنيو. ۽ نعري ڪئي، ان موقعي تي جي يو آء اڳواڻن تقريرن ۾ چيو ته يوسي موسي واھ ۾ جي يو آء جي سمورن سيٽن تي اميدوار مقابلو ڪري رهيا آهن ان ڪري انتقامي ڪارروائيون ڪري جهڪائڻ چاهين ٿا ان لا۽ جي يو  اڳواڻ مولانا محمد اسحاق چنا کان ھٿيار بندن موٽر سائيڪل ٽي لک رپيا رروڪ ۽ ٻه  موبائيلون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جي يو آء اڳواڻن خبردار ڪيو ته فورن ملزمن کي گرفتار ڪري قانون جي حوالي ڪيو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

  • لاڙڪاڻي ۾پ پ مخالف 4 اميدوارن جا فارم رد

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن کان اڳ پيپلز پارٽي جي مخالف اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ 4 يونين ڪاميٽين تي چونڊ وڙهندڙ چيئرمين ۽ وائيس جي اميدوارن جو بنا مقابلي چونڊجڻ جا امڪان، نامزدگي فارم رد ٿيڻ تي پيپلز پارٽي مخالف اميدوارن عدالت جو در کڙڪائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.  ان سلسلي چئن ٽائون ڪاميٽين جي 20 يونين ڪاميٽين تي مشتمل لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي چونڊ وڙهندڙ پيپلز پارٽي جي چئن يوسيز جي اميدوارن جا بنا مقابلي چونڊجي اچڻ جا امڪان آهن. گڏ ڪيل معلومات موجب حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي 2 تي پي پي پي طرفان چيئرمين جو اميدوار منير احمد سومرو ۽ وائيس چيئرمين عبدالحق کهاوڙ، دڙي ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 5 جو چيئرمين ۽ پي پي پي سٽي لاڙڪاڻي جو صدر خير محمد شيخ ۽اق وائيس چيئرمين هارون هليو، ساڳي ئي ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 2 تي پي پي پي طرفان چيئرمين جو اميدوار نعيم تونيو ۽ وائيس چيئرمين اسد کرل، سچل ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي هڪ تي چيئرمين جو اميدوار چنگيز خان ابڙو ۽ مشتاق علي کوکر جو بنا مقابلي چونڊجي اچڻ جا امڪان آهن. ڄاڻايل يوسيز تي جي ڊي اي، پي ٽي آءِ ۽ ٻين جماعتن جي اميدوارن جا نامزدگي فارم لاڳاپيل آر اوز طرفان مختلف سببن ڪري رد ڪيا ويا ھئا جنهن کان پوءِ انهن اميدوار عدالت جو در کڙڪائي ڇڏيو آهي. ان حوالي جي ڊي اي جي اميدوار غني ڪناسرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته حيدري ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 2 تي آءُ جي ڊي اي جو اميدوار آهيان پر منهنجو نامزدگي فارم اعتراض لڳائي رد ڪيو ويو جنهن ڪري مون عدالت ۾ درخواست ڪرائي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين اميدوار ايڊوڪيٽ جاويد بليدي ٻڌايو ته پارٽي جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو. جي ڊي اي جي چيئرمين جي اميدوارن سعيد شيخ ۽ طفيل عباسي ٻڌايو ته آر اوز جي اهڙي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي اميد ته فارم بحال ٿيندا.

  • ميونسپل ٻولهاڙي جي 12 وارڊن کي وڌائي 22 وارڊ  ڪيا ويا

ڪوٽڙي (ن ع آ)اڳوڻي ايم اپي فقيرداد کوسي جي درخواست تي ڪوٽڙي جي  ميونسپل ٻولهاڙي جي 12 وارڊن کي وڌائي  22 وارڊ تي مشتمل ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن جاري. ريجنل اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ڊويزن پاران   تڪ بندين خلاف ڏنل درخواهست رد ٿيڻ تي درخواست گذار فقيرداد کوسي اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾  اهڙي اپيل داخل ڪئي  هئي، اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ ٿيل ٻن ٻڌڻين دوران درخواست گذار پنهنجي وڪيلن راجا جواد علي ساهڙ ۽ حيدر علي انڙ جي معرفت موقف اختيار ڪيو هيو ته ميونسپل ٻولهاڙي جي آبادي تمام گهڻي هجڻ ڪري ان جا وارڊ وڌايا وڃن.  درخواهست گذار پاران آر اي سي پاران ڪيل  يوسين ۽ وارڊن جي تڪبندين تي به اعتراض واريا ويا. اليڪشن ڪميشن درخواهست گذار ۽ سندن وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوء ميونسپل ٻولهاڙي جي 12 وارڊن کي وڌائي 22 وارڊ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن ڄامشوري ضلعي اندر  يوسين جي ٿيل تڪبندين تي پڻ نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي هدايتن تي لوڪل گورنمينٽ جي ٽائون پلاننگ کاتي ميونسپل ٻولهاڙي کي 12 بدران 22 وارڊن تي مشتمل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان درخواجست گذار اڳوڻي ايم پي اي فقيرداد کوسي جو چوڻ هيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ميونسپل ٻولهاڙي جي عوام جي بهتر انداز ۾ نمائندگي ٿي سگهندي. فيصلي مان خوش آهيون. البته يوسين ۽ وارڊن جي ٿيل غلط تڪبندين تي پڻ  آر اي سي کي درخواهستون ڏنل آهن جن تي پڻ غور ٿي رهيو آهي.

  • مٽياري ۾ مختلف برادرين چونڊن جي ميدان تي اچي ويا

مٽياري (ت ر)مٽياري لڳ ڪوٽ سيد امداد علي شاھ ڄاموٽ تي سيد امداد علي شاھ ڄاموٽ پاران يونين ڪائونسل جيندل ڪوٽ ۽  مسو ڀرڳڙي جي معززين جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مختلف برادرين جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سيد امداد علي شاھ ڄاموٽ چيو ته مٽياري ضلعي اندر ھميشہ عوام کي بيوقوف بڻائي ووٽ ورتو ويو آهي پر ڪنهن به سياسي ماڻھونء انھن جا بنيادي مسئلا حل نه آهن ڪيا، منهنجو ھن وقت ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪوبه تعلق نه آهي غريب ۽ ھيٺئن طبقي جي ماڻهن سان غير مشروط طريقي سان گڏ آھيان آئون مٽياري ضلعي جي عوام کي گذارش ڪندس ته پنهنجي ھمت ۽ جذبي سان ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي پاڻ مان اوهان جي مرضيءَ موجب ڪو جذبو رکندڙ نوجوان اليڪشن ۾ آزاد حيثيت ۾ ميدان لاھي پنهنجي طاقت ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪريو آئون ھر موڙ تي توهان جي ھر ممڪن مدد ڪندس ۽ توهان سان آخري ٽائيم تائين گڏ بيٺو رھندس مٽياري ضلعي جي سياسي سماجي شخصيت سيد امداد علي شاھ ڄاموٽ پاران يونين ڪائونسل جيندل ڪوٽ ۽ يونين ڪائونسل مسو ڀرڳڙي جي معززين سان ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان اھم گڏجاڻي ڪري صلاح مشورا ڪري آزاد حيثيت سان ٻنھين يونين ڪائونسلن سميت ٻين يونين ۾ مڪمل پينل اليڪشن ۾ ميدان تي لاھڻ تي اتفاق ڪيو ويو، سيد امداد علي شاھ ڄاموٽ چيو ته مون صرف عوامي ڀلائي ۽ علائقي جي بھتري جي مفاد خاطر پي ٽي آئي ڇڏي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي پر ھميشہ اقتدار ۾ ويٺلن علائقي جي تعليم، صحت، روڊ رستا، پيئڻ جي پاڻيءَ سميت ڪنهن به مسئلي لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا ھن چيو ته پوري ضلعي اندر منشيات سري عام ھلن ڪري نوجوانن ۽ معصوم ٻارڙن جو مستقبل داء تي لڳل آهي پر اسان جا چونڊيل نمائندا ان لاءِ به ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهن سيد امداد علي شاھ ڄاموٽ وڌيڪ چيو ته مونکي اليڪشن ۾ بيھڻ جو ڪو به شوق نه آهي آئون چاهيان ٿو علائقي جو غريب ۽ مظلوم عوام پنهنجي ھمت ڪري آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾ ميدان ڪري ننڊ ستل سياسي ۽ اقتدار پسند نمائندن کي سجاڳ ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.