ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سارا علي خان کي هڪ ڀيري روڊ تي ماڻهن فقيرياڻي سمجهي پن ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي هئي جنهن جو اظهار اداڪارا پاڻ هڪ انٽرويو ۾ ڪيو هو.
اداڪارا انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته واقعي کيس هڪ ڀيري ماڻهن پينو فقيرياڻي سمجهي پن ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي هئي.
هن ٻڌايو ته منهنجا والدين جڏهن هڪ دڪان ۾ ويا ته مان پنهنجي ڀاءُ لاءِ نچڻ شروع ڪيو ته ماڻهن مون کي پينو فقيرياڻي سمجهي پن ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي، ماڻهن کي اهو لڳي رهيو هو ته مان نچي نچي پني رهي آهيان.